21 اتوار , اکتوبر 2018

يوٽرن خان وزارت عظميٰ جي لاءِ اهل ناهي: امير مقام

چارسده(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ امير مقام چيو آهي ته يوٽرن خان کي چوان ٿو ته وڪيٽ ته ڪِري پئي آهي، يو ٽرن خان وزارت اعظميٰ جي اهل ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چارسده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. امير مقام چيو ته عمران خان جو هدف ترقي جو ڦيٿو جام ڪرڻ آهي، عمران خان کي چيلينج آهي ته لاهور ۾ جلسو ڪري ڏيکاري،  عمران خان ٻڌي وٺي ته پختون مينڊيٽ ڏيڻ به ڄاڻيون ٿا ۽ وٺڻ به ڄاڻون ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ پشاور کي قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي، لاهور جي ميٽرو کي جهنگلي واري بس چوندڙن پشاور کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي. پرويز خٽڪ سياسي جلسن جي لاءِ سرڪاري مشينري استعمال ڪري رهيو آهي، هن پشاور کي قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي. امير مقام وڌيڪ چيو ته اداري مستحڪم ۽ جمهوريت مضبوط هجن ته سڀني جي بهتري آهي، دهشتگردي جي خاتمي سان سڀني کي سڪون ملندو، پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے