17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: کپرو: ننڍي ڄمار ۾ نينگري جي شادي ڪرائڻ وارو معاملو، ناري عدالت ۾ پيش

 هٿونگي ڀرسان نينگري جي ننڍي ڄمار ۾ شادي ڪرائڻ جي الزام هيٺ آيل والدين، گهوٽ ۽ مولوي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ڳوٺ سومار کاڙت ۾ نينگري صائمه کاڙت جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جي الزام هيٺ نينگري جي ماءُ امامت، پيءُ علي شير ۽ گهوٽ احمد محمود مڱريي سميت مولوي سبحان جنجهي کي پوليس سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت ۾ نينگري پنهنجي بيان ۾ چيو ته سندس مڱڻي دوران پوليس آزاد ڪري کڻي آئي.

نينگري صائمه چيو ته هو پنهنجي چاچي صادق سان رهڻ چاهي ٿي.

نينگري جي بيان تي عدالت پوليس کي نينگري چاچي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس پوليس حوالي ڪيو وڃي.

هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته ڳوٺ جون ٻيون به نياڻيون مبينه طور وڪرو ڪري پرڻايون ويون آهن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے