21 اتوار , اکتوبر 2018

لاڙڪاڻو ڪيستائين ٻارڙن لاءِ مقتل گاهه بڻيل رهندو؟

لاڙڪاڻي ۾ نوَن سالن جي معصوم نينگري صائما جروار، جيڪا مائٽن کان ڏهه رپيا وٺي دڪان تان شيءِ وٺڻ وئي هئي، تنهن جو لاڙڪاڻي-نئين ديري روڊ تي پاڻي جي کڏ مان لاش مليو آهي. صائما شهر جي ايوب ڪالونيءَ جي رهواسي هئي، جيڪا رستي ويندي اغوا ڪري ماري وئي. ساڻس زيادتيءَ جا متضاد اطلاع آهن، جنهن جي تصديق سندس مڪمل طبي رپورٽون اچڻ کان پوءِ ٿي سگهندي.

رڳو صائما ئي نه پر لاڙڪاڻي ۾ معصوم ٻارڙن لاءِ ورهين کان رڻ تتل رهيو آهي، چيو وڃي ٿو ته گذريل ٻن ٽن سالن اندر هن شهر ۾ معصوم ٻارڙي جي قتل جو هي پندرهون سورهون واقعو آهي.

شيخ زيد ڪالونيءَ جي کوکر ڀائرن جي اغوا جو واقعو هجي يا عمار جتوئي جو قتل لاڙڪاڻو معصوم ٻارڙن لاءِ مقتل گاهه بڻيل رهيو آهي. ٻه ٽي سال اڳ واري رڪارڊ کي ڏسبو ته لاڙڪاڻو سنڌ جي باقي شهرن کان ٻارڙن جي اغوا، زيادتي ۽ قتل جي واقعن ۾ سرفهرست هوندو. لاڙڪاڻو اهو شهر آهي جنهن دانشور، ڏاها، سياستدان، ليکڪ ۽ وڏا قانوندان پيدا ڪيا آهن. سنڌو ماٿريءَ جو عظيم تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳ به هن ضلعي جي حدن ۾ ئي آهي. هئڻ ته ايئن کپندو هو ته اها ڌرتي جنهن جي اڳواڻن جديد دور ۾ عوام لاءِ، جمهوريت لاءِ جانين جو نذرانو ڏنو، جتي ايشيا جي وڏي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو جنم ٿيو، جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو محترمه بينظير ڀٽو توڙي سنڌ جي حقن لاءِ پوين پساهن تائين پتوڙيندڙ بشير خان قريشيءَ جهڙا ڪردار پيدا ٿيا، ان ڌرتيءَ دنيا ۾ ڪو مهذب پيغام، بلڪل اهڙو جهڙو اڄ جڏهن اولهه ۽ اوڀر ۾ ٽڪراءُ جي صورتحال کي ماٺو ڪرڻ لاءِ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ”اسلام، اولهه ۽ مصالحت“ ۾ ڏنو هو ته جيئن تهذيبن ۾ ٽڪراءَ جو تاثر ختم ڪري سگهجي پر اهڙو ڪو پيغام ڏيڻ بدران معصوم ٻار جيڪي تازن ٽڙيل گلن مثل هوندا آهن تن کي ماري نپوڙي ڦٽو ڪري دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لاڙڪاڻو شعور وند ماڻهن جو شهر ۽ ضلعو آهي پر ان حقيقت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته لاڙڪاڻو چوطرف ڏاڍن مڙسن جي چنبي ۾ رهيو آهي. ڏوهارين جي چنبي ۾ رهيو آهي، اهو وقت ڪيئن وسارجي جڏهن ماڻهو الله آباد، مراد واهڻ، علي گوهر آباد، ڪرما باغ يا ٻين پاڙن مان جتي ڪم ڪار، گهمڻ، ڦرڻ يا مٽن مائٽن ڏانهن وڃڻ لاءِ گهر بند ڪري هليا ويندا هئا ته موٽ تي سند گهرن کي ٻيا تالا لڳل هوندا هئا، جيڪي هڻندڙن کي سندن مرضي موجب ڀنگ ادا ڪرڻ جي صورت ۾ کوليا ويندا هئا، ٻي صورت ۾ گهر ڌڻي کي پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي همت نه هوندي هئي.نه رڳو ايترو پر هر شعبي تي ڏاڍن جو داٻو هئڻ سبب هن شهر ۾ ڏاڍن جون هيڻن سان زيادتيون دٻيل ئي رهيون آهن.

دنيا توڙي جو اڄ ترقي ڪري وڃي چنڊ تي پهتي آهي پر لاڙڪاڻي تان ڏوهارين جو داٻو ۽ دهشت ڪير به ختم ڪرائي نه سگهيو آهي. شهر ۾ ڏينهن ڏٺي ماڻهن کان موٽرسائيڪلن جي ڦر ۽ اهي ديناداستي پاٿارين تي پهچائي ڀنگ تي ورائڻ جي روايت به ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي. هئڻ ته ايئن گهربو هو ته هيءُ شهر آزاد فضائن جو شهر هجي ها پر هتي هميشه ڏاڍن، مڙسن ۽ ڏوهارين جي دهشت ۽ داٻي جو راڄ رهيو آهي. هن شهر ۾ ديناداستي خون ٿيندا رهيا آهن پر ڪنهن کي ڪنهن ۾ هٿ وجهڻ جي جرئت ناهي رهي، سو اهو شهر جتي راڄ قانون جو نه پر ڏاڍن جو هجي، جتي جي پوليس به ڏاڍن جي اڳيان جهڪيل هجي، اتي گلن جو ٽڙڻ بدران ڦٽندي ئي ڪومائجي وڃڻ فطري عمل آهي.

لاڙڪاڻو باشعور ماڻهن جو شهر رهيو آهي پر سندن شعور به ”مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ“ جي روش جو شڪار رهيو آهي. لاڙڪاڻي شهر تان ڏوهارين جو راڄ ۽ دهشت ختم ڪرڻ لاءِ بهتر ٿيندو ته ڀتاخوري، ڦرين، اغوا ۽ ڌاڙن ۾ ملوث ڏوهارين ۽ سندن بااثر سرپرستن خلاف بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

لاڙڪاڻي جي سڃاڻپ صائما ۽ عمار جهڙن معصوم ٻارڙن جي قتل جا واقعا نه، والدين لاءِ معصوم نينگرين جا ڪن ئي ڪپي ڇڏڻ جهڙا واقعا نه، ڀتو نه ڏيڻ تي دڪانن ۽ گهرن کي تالا هڻڻ جا واقعا نه پر لاڙڪاڻي جي ڏيهان ڏيهه سڃاڻپ مهذب ۽ تعليمي يافتا ماڻهن جي هڪ تهذيبي شهر طور ٿيڻ گهرجي. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي جي ساڃاهه وندن، ليکڪن، وڪيلن، دانشورن، اديبن ۽ سياسي ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مٺ جيترا ڏوهاري يقيني طور لکين آباديءَ واري شهر جو ساهه مٺ ۾ نه ٿا ڪري سگهن پر ان لاءِ هر طبقي کي اٿڻو پوندو ۽ مظلوم سان گڏ بيهڻو پوندو.

معصوم صائما واري معاملي ۾ پوليس جو روايتي ڪردار ئي سامهون آيو آهي، جنهن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هن معصوم گل جو ساهه نڪ ۽ وات بند ڪرڻ، يعني ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري ٿيو آهي. ايئن هجي به کڻي پر جن وحشين هن معصوم نينگريءَ جو ساهه ٽڙڻ کان اڳ ئي گهٽي ۽ ٻوساٽي ڪڍي ڇڏيو تن خلاف به سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. نه رڳو پوليس پر شهر سان تعلق رکندڙ حڪمران ڌر جي شخصيتن کي به معصوم صائما جي ناحق خون سان انصاف ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

جمعو 27  اپريل 2018ع، 10 شعبان المعظم 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري قانون جي منظوري……. هڪ ساراهه جوڳو عمل

سنڌ ڪابينا عورتن کي ڪم ڪرڻ واري هنڌ هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري وفاقي حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے