16 جمعہ , نومبر 2018

رپورٽ : عمران خان ۽ سندس گهرواري ۾تڪرار جا چوٻول، پي ٽي آءِ جي ترديد

پي ٽي آءِ ترجمان عمران خان ۽ سندس گهرواري ۾تڪرار وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ ترجمان بيان ۾ڄاڻايو آهي ته بشريٰ بيبي ۽ عمران خان ۾ڪو به اختلاف ناهي، اهڙيون خبرون صرف اڦواهه آهن.

ترجمان جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي ٻنهي خلاف اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ سندس نئين گهر واري ۾ اختلاف تيز ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون هيون.

اڻ تصديق ٿيل ذريعن جو چوڻ آهي اختلاف ڪپتان  پاران نئين گهر واري جي فرمائش پوري نه ڪرڻ تان ٿيا آهن.

اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي سندس ٽين گهرواري بشريٰ بي بي فرمائش ڪئي ته سندس پٽ کي ايندڙ چونڊن ۾ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏني وڃي .

ڪپتان پاران ٽڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي زال ۽ مڙس وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا ۽ بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ سربراهه سان ناراض ٿي پئي.

ٻڌايو پيو وڃي ته ان کان اڳ بشريٰ بي بي جي پٽ بني گالا آيو جنهن تان پڻ ڪپتان ۽ سندس گهر واري وچ ۾ ڇڪتاڻ واري ماحول جنم ورتو .

سوشل ميڊيا تي اهي به چيو پيو وڃي ته ڪپتان جي گهر واري ناراض ٿي بني گالا کان پيڪين هلي وئي آهي ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے