16 جمعہ , نومبر 2018

سمارٽ فونن جي روشني مان ڪينسر جو خطرو ٻيڻ تي واڌي  ٿو:ماهر

 (ويب ڊيسڪ) ماهرن سمارٽ فونن، ٽيبلٽ ۽ ايل اي ڊي اسٽريٽ لائٽس مان نڪرندڙ نيري روشني”بليولائٽ“ مان ڪينسر جي بيماري ٻيڻ تي وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي .عالمي سطح تي ٿيندڙ تحقيق ۾ ماهرن سمارٽ فونن ۽ ايل ايل ڊيز مان نڪرندڙ نيري روشني کي انساني صحت کي نقصان پهچائيندڙ  قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته هي بليو لائٽس نه رڳو بريسٽ ڪينسر جو سبب بڻجي ٿي پر ان مان مثانو(پروسيٽيٽ) ڪينسر جو خطرو ٻيڻ تي وڌي ويندو آهي.بارسلونا انسٽيٽيوٽ فار گلوبل هليٿ جي ماهرن 11 مخلتف علائقن جي 4 هزار ماڻهن تي تحقيق ڪرڻ کان پوءِ ان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته گهرن جي اندر ۽ ٻاهر ايل اي ڊي مان نڪرندڙ نيري روشني ڪينسر جهڙين موتمار بيماري کي وڌائڻ جو وڏو ذريعو آهن.تحقيق جي موجب اليڪٽرونڪس ڊيوائسز مان نڪرندڙ شعاعين انساني جسم ۾ موجود گهڙي تي اثر انداز ٿينديون آهن. خاص طور تي اهڙين ماڻهن جو جيڪي گهڻي ننڊ جي لاءِ ان کي استعمال ڪندا آهن.هي اُنهن هارمونز کي نشانو بڻائيندي آهي جيڪي ڪينسر جو سبب بڻبا آهن. اها روشني گهر ۽ اسٽريٽ لائٽس ۾ استعمال ٿيندڙ ايل اي ڊي لائٽ مان پڻ نڪرندي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے