20 منگل , نومبر 2018

نيوز : سکر : پني عاقل واسي ملڪ برادري جي ماڻهن جو عورتن سميت بااثرن خلاف احتجاج

سکر ۾پني عاقل جي رهواسي ملڪ برادري جي ماڻهن عورتن سميت بااثرن خلاف احتجاج ڪيو.

ڳوٺ چيٺا پنجابي جي رهواسين ۾محمد شريف ملڪ، حافظ عبدالطيف، بي بي فاطمه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن چيو ته بااثرن حملو ڪري سندن 5 کان وڌيڪ ماڻھن کي زخمي ڪيو.

هنن دانهيو ته زخمين کي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ باوجود مبارڪپور پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري.

سندن چوڻ هو ته جوابدار ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کين حراسان ڪري رھيا آھن.

ھنن چيف جسٽس سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے