20 منگل , نومبر 2018

نيوز: غوثپور : پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي خاڪ، واهر جي اپيل

غوثپور ۾ چُلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب پورهيت جو گهر سڙي خاڪ ٿي ويو.

ڳوٺ الاهي بخش شيخ ۾ چُلهھ مان چڻنگ اٿڻ سبب مُحمد قاسم شيخ جي گهر کي باھ وڪوڙي وئي، باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو.

اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي دير سان پهچڻ سبب ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطي لاءِ ڪوشش ڪئي.

ڳوٺاڻن ۽ فائربرگيڊ عملي باهه تي ضابطو آندو.

باهه متاثر کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو.

باهه متاثرن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندن واهر ڪن ته جيئن هو اجها اڏي سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے