15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: سکر : پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن جو صائمه جروار جي قتل خلاف احتجاج

سکر ۾ پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن پاران صائمه جروار قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو پي ٽي آءِ جي عورتن جي شعبي جي ضلعي صدر صفيه بلوچ جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي جي نياڻي صائمه جروار جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سکر مظاهرو ڪيو ويو،

ميڊيا سان ڳالهائيندي صفيه بلوچ چيو ته لاڙڪاڻي جي نياڻي صائمه جروار سان ڏاڍائي بعد قتل واري واقعي کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود لاڙڪاڻو پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته نياڻي جي وارثن کي هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي، قصور واقعي ۾ ملوث جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪيو ويو هو، پر لاڙڪاڻو پوليس جي سستي ۽ لاپرواهي سبب ڊي اين اي ٽيسٽ به ناهي ڪرائي وئي.

هن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو صائمه جروار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے