13 منگل , نومبر 2018

نيوز: سکر: انصاري محلي جي رهواسين پاران گندگي ۽ قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج

سکر ۾ انصاري محلي جي رهواسين پاران گندگي ۽ قبرستان تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بچل شاھ مياڻي جي انصاري محلي جي رھواسين  ڊاڪٽر جھانگير ڀيو، عبدالواحد ڀيو، ذوالفقار ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي  مظاهرو ڪيو .

ان موقعي تي  مظاھرو ڪندڙن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بچل شاھ ۾صفائي جو نظام صحيح نھ ھجڻ ڪري گندگي پکڙيل آھي جنھن سبب رهواسي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.

 هنن چيو ته ٻي طرف مقامي قبرستان تي  بااثرن قبضو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عمل  مذمت جوڳو آهي.

هنن ضلعي انتظاميھ کان  مطالبو ڪيو ته بچل شاهه  محلي جي صفائي ڪرائي قبرستان مٿان ٿيندڙ قبضو ختم ڪرايو وڃي،  بي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ٽنڊو باگو: پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان پاران ساهرن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

ٽنڊي باگي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان پاران ساهرن جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ملڪاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے