21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: سکر : رڪشا ڊرائيور   جو  ٽريفڪ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

سکر  ۾  رڪشا ڊرائيور   ٽريفڪ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

الله  آباد ڪالوني جي رھواسي رڪشا ڊرائيور  حسن سومرو ٽريفڪ پوليس جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

  ان موقعي تي حسن سومرو عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو تھ ٽرئفڪ  پوليس ھر چوڪ تي بلاجواز بيھاري خرچي لاءِ تنگ ڪري رهي آهي.

هن چيو تھ  روز جي مزدوري پوليس وارن جي خرچي ۾  پوري ٿي وڃي ٿي.

هن وڌيڪ چيو تھ  اڄ خرچي نھ ڏيڻ تي ٽريفڪ اهلڪارن تشدد ڪري الڳ الڳ چالان ڪٽي ڇڏيا آهن.

ھن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجھ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ اهلڪارن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي  انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے