20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز: حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن پاران سن ڪوٽا نه ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾  سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن پاران سن ڪوٽا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

محمد عثمان خاصخيلي،  خالد حسين،   معشوق علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن  پريس ڪلب حيدرآباد آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  کين رٽائرڊ ٿيندي 15 سال گذري ويا آهن پر سندن اولاد کي نوڪريون  ناهن ڏنيون  ويون.

هنن چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان هو اي سي ٽو جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن. پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته سن ڪوٽا تحت سندن اولاد کي نوڪريون ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے