20 منگل , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ڌاري آبادڪاري خلاف  احتجاج

حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ڌاري آبادڪاري خلاف  احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو.

ڊاڪٽر دودو مهري، تاج جويو، عاشق سولنگي، امداد چانڊيو، سليم چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏئي ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

 هنن چيو ته جيڪي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن انهن جو جيڪڏهن ڏوهه آهي تھ کيس ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو وڃي.

هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ بند ڪري   سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو  ڏياريو وڃي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے