14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ : پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار

* ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او انور علي بروهي جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري بنا لائسنس رکندڙ جوابدار لياقت کي گرفتار ڪيو.

پوليس ڪارروائي دوران روپوش جوابدار بنگل سبزوئي کي گرفتار ڪيو.

پوليس شهر جي مختلف چوڪن تي جهڙتي وٺي ۽ هوٽلن تي ڇاپا هڻي لياقت ۽ بنگل سبزوئي سميت پنج جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

ايس ايڇ او انور علي بروهي موجب سندن ٽيم شهر جي مختلف چوڪن تي الرٽ آهي، شهر ۾ امن و امان بحال ڪرائڻ پوليس جو فرض آهي ڪنهن کي به ڏوهه ڪرڻ نه ڏني ويندي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:غوثپور: ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

*غوثپور شهر ۾ ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے