18 اتوار , نومبر 2018

نيوز:سکر:سينئير وڪيل جعفر شاهه جي ڀاءُ ۽ سندس ساٿين کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف عدالتن جو بائيڪاٽ

*سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي سينير وڪيل جي ڀاءُ ۽ سندس ٻن ساٿين کي نامعلوم ماڻهن پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.

 سيد جعفرشاهه  جي ڀاءُ  سيد عباس شاهه ۽  سندس ٻن ساٿين کي خيرپور جي ٺيڙھي باءِ پاس وٽان  نامعلوم ماڻھن پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌھاءِ ڪورٽ بار سکر ۽  ڊسٽرڪٽ بار سکر عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ  ڪري ڇڏيو.

عوامي آواز ٽي وي جي رابطي ڪرڻ  تي   وڪيل اڳواڻ ايڊوڪيٽ شبير بوزدار، وقار بوزدار، ايڊوڪيٽ ذوالفقار سانگي  ۽   ٻين چيو تھ  هفتو اڳ ايڊووڪيٽ جعفر شاهه کي اغوا ڪيو ويو هو، ٻن ڏينهن بعد ان کي آزاد ڪيو ويو، هاڻي وري سيد عباس شاهه ۽  سندس ساٿين کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

هنن  سنڌ سرڪار کان مطالبو  ڪيو تھ کنڀلن کي فوري طور تي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے