16 اتوار , دسمبر 2018

روپورٽ: سيتاروڊ : نامياري سماج سڌارڪ محمد ايوب پاٽائي جي پنجين ورسي، ڀيٽا پيش

نامياري سماج سڌارڪ محمد ايوب پاٽائي جي پنجين ورسي جي موقعي تي سيتاروڊ ويجهو ڳوٺ پاٽ شريف ۾تقريب ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف ڳوٺ پاٽ شريف ۾ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي اعظم ميمڻ، فدا ڪلرائي، علي رضا منگي، گلزار ڪلهوڙو، ظفر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته محمد ايوب منگي پاٽائي سادي طبعيت جو مالڪ هو، هن ڪڏھن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي….ايس او ٽي…

هنن چيو ته محمد ايوب منگي پاٽائي پاٽ مان لڏي وڃي درٻيلو وسايو، هن علائقو مٽايو پر  پنهنجي سڃاڻپ نه مٽائي ۽ هو درٻيلي ۾ به پاٽائي سڏائيندو رهيو، اهڙا ڪردار ورلي پيدا ٿيندا آهن.

مقررن وڌيڪ چيو ته محمد ايوب پاٽائي جي اولاد کي جس هجي جنهن پنهنجي والد جي مسلسل ورسي ملهائي هڪ صالح اولاد هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي.

تقريب جي آخر ۾ محمد ايوب منگي جي تصوير آڏو گلن جون پتيون رکي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے