18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: قاضي احمد: آبادگارن پاران بارداڻو نه ملڻ تي فوڊ انسپيڪٽر خلاف احتجاج

قاضي احمد ۾ ڪڻڪ جي آبادگارن بارداڻو نه ملڻ تي فوڊ انسپيڪٽر خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته ٽرگهاٽ موري جي فوڊ انسپيڪٽر لالچ ۾ اچي واپارين کي 2 سئو روپيا في ڪٽو جي حساب سان بارداڻو وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.

پريس ڪلب ۾ آبادگارن حاجي ثناءُ الله، عبدالجبار ۽ بادل چانڊيي دانهيو ته بارداڻو آبادگارن کي ڏيڻ بدران شھر جي سمورن واپارين کي وڪرو ڪيو ويو آھي.

هنن الزام هنيو ته وڏيرڪي آشيرواد سان مقرر ڪيل فوڊ انسپيڪٽر کين بارداڻو ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آھي.

سندن چوڻ هو ته هنن خوراڪ کاتي جي عملدارن خلاف ايس ڊي ايم کي شڪايت ڪئي، پر فوڊ انسپيڪٽر فون نمبر ئي بند ڪري ڇڏيو آهي.

آبادگارن سنڌ سرڪار کي مطالبو ڪيو ته کين بارداڻو ڏئي ڪرپٽ عملدارن کي هٽائي، نه ته هو ڌرڻو هڻندا……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ٺٽو:پوليس جي ڪارروائي، قتل ڪيس ۾ شامل جوابدار گرفتار

ٺٽو پوليس گھوڙاٻاري  وٽ ڪاروائي ڪندي  10 سالن جي ٻارڙي علي حسن شيخ کي بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے