17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ميرپور بٺورو: نوجوان اتحاد پاران صائمه جروار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ميرپور بٺوري ۾ نوجوان اتحاد پاران صائمه جروار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو عامر ميمڻ، جاويد زنئور ۽ بابو عثمان جي اڳواڻي ۾ نوجوانن لاڙڪاڻي ۾ ڏاڍائي بعد قتل ڪيل نينگري صائمه جروار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊياسان ڳالهائيندي نوجوانن چيو ته انسان جي روپ ۾ وحشين لاڙڪاڻي ۾ نينگري صائمه کي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.

هنن چيو ته سنڌ ۾ معصوم نينگرين سان ڏاڍاين جي وڌندڙ واقعن ۾ واڌ حڪمرانن ۽ پوليس جي نااهلي آهي.

سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، غريب طبقي جا ماڻهو محفوظ ناهن، ملوث جوابدارن کي سزا نه ملڻ سبب واقعا وڌي رهيا آهن.

نوجوانن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته صائمه قتل ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچائي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے