19 پیر , نومبر 2018

رپورٽ: ڀنڀور ۾” عوامي آواز ڪچهري “ پاڻي کوٽ سميت مختلف مسئلن جون دانهون

سنڌ جي تاريخي شهر ڀنڀور ۾ عوامي مسئلا ٻڌڻ لاءِ عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران ” عوامي آواز ڪچهري “ جي عنوان سان تقريب ڪوٺائي وئي.

ڪچهري ۾علائقي جي سياسي، سماجي اڳواڻن، ليکڪن ۽ مقامي ماڻهن مسئلن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

ڌاٻيجي جي رپورٽر مقصود جوکيو جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل ” عوامي آواز ڪچهري “ ۾ عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر ناصر خٽڪ، ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح، چيف رپورٽر امتياز چانڊيو، سٿ جي ساٿين جميل چانڊيو، رازق ڏنو کوسو، پيرل پياسي، عبدالله راڻو، آدم جانيارو شبير ڀٽي، رزاق ڪلمتي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ڪچهري کي خطاب ڪندي ن ليگ جي ايم پي اي سيد امير حيدر شاهه شيرازي چيو ته موجوده حڪمرانن جي بي ڌياني ۽ سازشن جي نتيجي ۾ٺٽي ضلعي جا ماڻھو سخت تڪليفن جو شڪار آھن، ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي وارا منصوبا قائم ڪري مقامي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اهڙين سازشن خلاف هو سياسي مزاحمت ڪندا…ايس او ٽي

ان موقعي تي ٺٽي ضلعي جي چيئرمين غلام قادر پليجو چيو ته هو ٺٽي جي زمينن تي ڪنهن به ڌاري کي قبضو ڪرڻ نه ڏيندا، هو عوام سان گڏ آهن، کين پنهنجي زمينن ۽ قبرستانن سان محبت آھي….ايس او ٽي…..

ڪچهري کي خطاب ڪندي عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر ناصر خٽڪ چيو ته عوامي آواز مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جو آواز نمايان طور ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پاڻ ملهايو آهي. سنڌ جي عوام کي گهرجي ته اهي هاڻ سکڻن آسرن ۽ خوشحاليءَ وارين ڪوڙين ڳالهين ۾ اچي ووٽ ڏيڻ بدران ان اميدوار کي ووٽ ڏين جيڪو عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪري ۽ ان کي پنهنجا ذاتي مفاد عزيز نه هجن…ايس او ٽي..

ان موقعي تي زيزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح چيو ته عوامي آواز سٿ جي ساٿين سدائين پنهنجي قلم ذريعي بي پهچ ماڻهن جي حقن لاءِ ويڙهه ڪئي آهي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي سوچ عالمي ليول واري ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪو اسين ڪم ڪيون، اهو مقامي سطح وارو هجڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان ئي عام ماڻهو جي مسئلن کي حل ڪرائي سگهجي ٿو…….ايس او ٽي….

ڪچهري کي خطاب ڪندي ليکڪ گل حسن ڪلمتي، خداڏنو شاهه، اي ڊي او ايجوڪيشن ٺٽو نصير ميمڻ، يوسي ڌاٻيجي جي چيئرمين فقيرنبي بخش بلوچ، حمزو پنهور، نديم ميمڻ، علي حسن ملاح، آصف جوکيو، ۽ ٻين چيو ته بحريا ٽائون ۽ ذوالفقارآباد جهڙا منصوبا جوڙي سنڌي ماڻھن کي ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هڪ پاسي سمنڊ زمينون ڳڙڪائي رهيو آھي ته ٻئي پاسي ٺٽي ۽ سجاول ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري لکين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي رهيون آھن….ايس او ٽي…

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪي فور جو منصوبو جوڙي ضلعي ٺٽي جو پاڻي بحريا ٽائون کي ڏنو پيو وڃي. ايشيا جي وڏي ۾ وڏي واٽر اسٽيشن ڌاٻيجي ۾ آھي، پر پوءِ به هتان جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن.

ان موقعي تي علي گوهر پنهور، ايوب انڙ، مصطفيٰ موسيٰ، روشن چانڊيو، آدم جانيارو، سرور جوکيو، رياض جوکيو، ذولفقار خاصخيلي، قادر پنهور، ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا موجود هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڳڙهي خيرو: سماجي تنظيم پاران صحافت جي عنوان هيٺ ورڪشاپ ڪرايو ويو

ڳڙھي خيرو ۾ سماجي تنظيم شفاءَ ايسوسيشن ويلفيئر جيڪب آباد پاران ذميوار صحافت جي عنوان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے