17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ: بدين : نامياري شاعر آڪاش انصاري کي جيري جي تڪليف، طبعيت خراب

بدين واسي سنڌ جي مزاحمتي ۽ نامياري شاعر آڪاش انصاري جي جيري جي بيماري سبب طبعيت خراب ٿي وئي آهي.

پمز اسپتال مان علاج ڪرائڻ باوجود ڀلوڙ شاعر جي طبعيت ۾سڌارو ناهي اچي سگهيو.

ڪمزوري نامياري شاعر کان سگهه کسي ورتي آهي جڏهن ته سندس هڪ ڄنگهه سڄي وڃڻ ڪري هو هلڻ ڦرڻ کان به لاچار آهي.

آڪاش انصاري جي طبعيت خراب ٿيڻ سبب کيس بدين کان حيدرآباد نيو ويو آهي، جتي سندس علاج جاري آهي.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري ڪيتريون ئي شاهڪار سٽون سرجيون آهن جن ۾” تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس “ ”وقت جي چيچ ۾زندگي جو ڇلو“  ” جڏهن ڪنهن به بادل ولهاريون وسايون “ ۽ ٻيا گيت شامل آهن.

ٻڌايو پيو وڃي ته نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڊاڪٽرن ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي.

سنڌ جو ڀلوڙ شاعر آڪاش انصاري بيماري سبب بستري ڀيڙو ٿيل آهي هن پنهنجي پيارن کي دعائن جي اپيل ڪئي آهي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے