21 بدھ , نومبر 2018

هاڻي شگر ۽ السر جو علاج لال بيگن سان ٿيندو!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هونئن ته لال بيگن کي بيمارين جي پاڙ سمجهيو ويندو آهي، پر گذريل ڪجهه سالن کان نه صرف انهن کي دنيا ۾ غذا طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي پر لال بيگن جي مدد سان علاج به ممڪن آهي. لال بيگ سان علاج جون خبرون گذريل هفتي ان وقت گردش ۾ آيون جڏهن هانگ ڪانگ جي هڪ ڊيلي اخبار اها خبر شايع ڪئي ته آبادي جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ملڪ چين ۾ انسانن کان 3 گناهه وڌيڪ لال بيگ ملندا آهن. خبر ۾ ٻڌايو ويو ته هي لال بيگ اتفاقي طور تي ناهن ملندا بلڪ حيران ڪندڙ طور تي پاڻ انهن جي واڌ ڪئي ويندي آهي، جنهن لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي آهي. نيوزيلينڊ جي نشرياتي اداري ”اسٽف ڊاٽ ڪو“ پنهنجي خبر ۾ ٻڌايو ته چين جي ڏکڻ اولهه صوبي سيچوان جي شهر شيڪچانگ ۾ اعليٰ نسل جي آمريڪي لال بيگن جي واڌ ڪندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي فيڪٽري آهي جيڪا سالياني اربين لال بيگ پيدا ڪندي آهي. نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي چين جي ڊاڪٽرن جي تنظيم ”گڊ ڊاڪٽرز“ جي صدر فيو نينگ گينگ انڪشاف ڪيو ته لال بيگن جي واڌ ڪندڙ فيڪٽريون يوميه هزارين لال بيگ مختلف اسپتالن کي سپلاءِ ڪنديون آهن. ڊاڪٽر فيو نينگ گينگ جو چوڻ هو ته چين ۾ لالبيگن ذريعي شگر، السر ۽ چمڙيءَ جي بيمارين سميت ٻين بيمارين جو علاج ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اوجاڳو شگر سميت ڪيترن ئي خطرناڪ مرضن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)امريڪي ماهرن جديد طبي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوري ننڊ نه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے