13 منگل , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: يوٿ ويلفيئر گروپ پاران ٻارڙن سان ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ يوٿ ويلفيئر گروپ پاران معصوم ٻارڙن سان ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

پريس ڪلب آڏو شنيل کوکرم شاهزيب ۽ زاهد بروهي سميت ٻين ريلي ڪڍي ٻارڙن  سان ڏاڍائي ڪندڙن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوانن چيو ته ملڪ ۾ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍاين وارن واقعن ۾ واڌ اچي رهي آهي، پر لاقانونيت سبب جوابدار کي سزا نٿي ملي ۽ اهڙا واقعا وڌن ٿا.

هنن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 9 ورهين جي معصوم نينگري صائمه جروار کي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪري لاش اڇلايو ويو، پر معصوم نياڻيءَ سان ظلم ڪندڙ جوابدار اڃا تائين آزاد آهن،

سندن چوڻ هو ته معصوم ٻارڙن کي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ وحشي صفت جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزائون نه ڏنيون ويون ته پوءِ هر روز معصوم نشانو بڻجندا رهندا.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صائمه جروار جي قاتلن کي گرفتار ڪري کيس ڦاهي ڏين ته جئين اهڙا واقعا پيش نه اچن……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے