19 پیر , نومبر 2018

نيوز: سنڌ ۾ صحت جي بجيٽ  ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي: خورشيد شاهه

مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي سنڌ ۾ صحت جي بجيٽ پنجاب ۽ ٻين صوبن کان 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي، سکر ۾ هاڻي دل جي سوراخ ۾ مبتلا ٻارن جو مفت علاج ۽آپريشن ٿي رهيو آهي.

سکر ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ايس آءِ يو ٽي ۾ مريضن جو انگ وڌڻ بعد هڪ وڌيڪ يونٽ قائم ڪيو پيو وڃي، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٻارن لاءِ 2 سئو بسترن تي ٻڌل اسپتال  ٺاهي پئي وڃي.

هن چيو ته سکر بعد سنڌ جي ستن ضلعن ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون کولي رهيا آهيون پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چاهي ٿو ته ملڪ جي غريب عوام کي صحت جون مفت سهولتون فراهم ڪري سگهجن.

او ايم وي ڪمپني پاران اين آئي سي وي ڊي لاءِ 2 ڪروڙ روپين جو فنڊ ڏيڻ تي ٿورو مڃيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان جون ڪمپنيون صحت جي شعبي ۾ تعاون ڪري رهيون آهن جنهن سان غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جو علاج ٿي رهيو آهي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے