14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: سانگهڙ: مختلف سياسي پارٽين پاران پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي ريلي

سانگهڙ ۾ مختلف سياسي پارٽين پاران پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي.

جبار جوڻيجي، خليل بلوچ ايڊووڪيٽ، مير حسن مري ۽ شير محمد نظاماڻي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي، اي ڊبليو پي، ٽريڊ يونين الائنس ۽ واپڊا ليبر يونين سميت ٻين جي ڪارڪنن ۽ مزدورن بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي.

اڳواڻن چيو ته سرمائيداري نظام ۾ مزدورن جو وڏو استحصال ڪيو وڃي ٿو، کين پنهنجا حق به نٿا ڏنا وڃن.

هنن چيو ته جاگيدار ۽ سرمائيدار مزدور ۽ هارين جي حقن جي حاصلات ۾ رنڊڪ بڻيل آهن، جنهن سبب مزدور طبقو پريشان بڻيل آهي.

سندن چوڻ هو ته اڄ محنت ڪشن جو ڏينهن آهي پر   مزدور هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  مزدورن کي گهٽ ۾ گهٽ 30 هزار پگهار ڏيڻ سان گڏ سندن ٻارن کي مفت تعليم ۽ صحت سميت بنيادي سهولتون ڏين………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ميرپورخاص: روڊ حادثو، 4 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے