20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز: غوثپور: اغوا ٿيل مغوين   کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام

غوثپور  مان اغوا ٿيل مغوين   کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،  مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.

 ڪچي ڳڙھي تغيو واري علائقي مان فون تي گھرائي ھٿياربندن هٿان  اغوا ڪيل ڪنڌڪوٽ واسي غالب خان لاشاري،   گھوٽڪي واسي رضوان ڀٽو،  رياض ميراڻي ، اصغرلغاري کي اڃان پوليس بازياب نھ ڪرائي سگهي آهي.

گھوٽڪي، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۽  شڪارپور پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي ڏوھارين خلاف ڪو بھ قدم نھ کنيو آهي،  مغوين کي اغوا ڪري ان جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي.

 ايس ايڇ او غوثپور غلام قادرخان جتوئي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو تھ  ڪشمور پوليس  ڪوششون ڪري رهي آهي ، تمام جلد ڏوھارين جوگھيرو تنگ ڪري انهن کي بازياب ڪرايو ويندو.

هن وڌيڪ چيو تھ  ڪشمور  شڪارپور ضلعن مان رينجرز  جون  چوڪيون ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ اغوا ۽ چوپائي مال جي وارڌاتن ۾ اضافوٿي ويو   آهي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے