14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: پٻڻ شريف جي رهواسين  جو گهر تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نھ ڪرڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد پٻڻ شريف جي رهواسين گهر تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نھ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پٻڻ شريف جي  ڳوٺ صوڀو خان پرياڙ جي رهواسين جاويد پرياڻ پنهنجي گهر ڀاتين سميت سندن مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف حيدرآباد پريس  ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ  علائقي جا بااثر ماڻهو سندن گهرن ۾ گهڙي  ٻارڙن ۽ عورتن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي کين ڳوٺ ڇڏڻ  جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته حد جي پوليس وٽ به دانهيو آهي پر پوليس به سندن تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آئي جي سنڌ اي ڊي خواجھ  کان گهر ڪئي ته معاملي جو  نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ميرپورخاص: روڊ حادثو، 4 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے