14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو غلام حيدر: ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا زخمي

ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان فيسبڪ تي ڪمينٽ ڏيڻ تان باگراڻي برداري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙو ٿي پيو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

مويا شھر ۾ باگراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فيسبڪ پوسٽ تي ڪمينٽس ڏيڻ تان باگراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڪهاڙين لڳڻ سبب نوراحمد، مصطفيٰ، محمد خان،  عرس ۽ نورمحمدباگراڻي زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين کي مويا جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان هڪ ڄڻي نور احمد  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته روڊ جي تباهي بابت فيس بڪ تي رکيل پوسٽ تي پ پ تي تنقيد ڪئي وئي، جنهن تي ٻئي ڌريون  وڙهي پيون

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

هوڏانهن يوسي چيئرمين محمدبخش باگراڻي موجب پ پ جي حمايتي ڌر آپي مان نڪري حملو ڪري ناانصافي ڪئي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے