21 بدھ , نومبر 2018

نيوز:حيدرآباد : قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌي وسندين تي قبضا ۽ ڊاهڻ خلاف احتجاج

*حيدرآباد  ۾  قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌي وسندين تي قبضا ڪرڻ ۽ ڳوٺن جا رستا بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

الطاف خاصخيلي، شانتي ڪولهڻ،  گلزار خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾   حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳلهائيندي چيو تھ  درياهه جي ڪچي جي قديم ڳوٺن تي بااثر ماڻهو انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري  قبضا ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته ڳوٺاڻن کي ڳوٺ خالي ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون  ڏنيون  پيون  وڃن، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته  قديمي قبرستان مسمار ڪري هائوسنگ اسڪيمن لاءِ روڊ ٺاهيا پيا وڃن.

 هنن سنڌ سرڪار ۽ وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽيس وٺي  ڪچي آبادي ۾ ٺهندڙ هائوسنگ اسڪيمن کي ختم ڪرائي ٺهيل غيرقانوني اسڪيم کي ڊاهيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے