14 بدھ , نومبر 2018

وهاب رياض جو انگلش ڪائونٽي ۾ ڊربي شائر سان معاهدو

لاهور(اسپورٽس نيوز) خراب ڪارڪردگي تي قومي ٽيم مان ڊراپ ڪيل فاسٽ بالر وهاب رياض سان انگلش ڪائونٽي ڪلب ڊربي شائر ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ٽورنامينٽ لاءِ معاهدو ڪري ڇڏيو آهي، ڪرڪيٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته وهاب انگلش ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ بهترين ڪارڪرگي ڏيکاري ٽيم ۾ پنهنجي واپسي جو ڪيس مضبوط بڻائي سگهي ٿو. وهاب رياض جو پي ايس ايل جو رڪارڊ بهترين رهيو آهي. هو پي ايس ايل 3 مان فهيم اشرف سان سان گڏ ٽورنامينٽ جو سرفهرست بالر هو ۽ هن اڳوڻي پي ايس ايل چئمپين پشاور زلمي لاءِ في اوور ۾ 7 کان به گهٽ رنسون ڏيندي 18 وڪيٽُن حاصل ڪيون هيون. قومي ٽيم کان ٻاهر ٿيڻ سبب وهاب رياض انگلش ڪائونٽي جي پوري سيزن دوران دستياب هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشن عالمي ڪپ، ڪاميابيءَ جو نسخو ملڻ تائين بيٽنگ ۾ تجربا ٿيندا : سرفراز احمد

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے