15 جمعرات , نومبر 2018

شان مسعود ويرات ڪوهلي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

فيصل آباد(اسپورٽس نيوز) فيصل آباد ۾ جاري پاڪستان ڪپ قومي بيٽسمينن کي فارم ۾ واپسي جا اهم موقعا فراهم ڪري رهيو آهي ۽ گذريل 6 ميچن دوران هن وقت تائين 5 ٽيمن 300 کان وڌيڪ ٽوٽل اسڪور ٺاهيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اقبال اسٽيڊيم، فيصل آباد جي پچ بيٽنگ لاءِ تمام سولي آهي. ٽيسٽ اوپنر شان مسعود هلندڙ سال پاڪستان ڪپ ۾ خيبرپختونخواهه جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ گذريل مقابلي ۾ پنجاب خلاف هن 111 بالن تي سينچري اسڪور ڪيو جنهن سان گڏ ئي هو لسٽ اي ڪرڪيٽ  سڀ کان وڌيڪ ايوريج رکندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي. شان مسعود هن وقت 76 ميچن ۾ 58.32 جي ايوريج سان 3441 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي جنهن ۾ 10 سينچري ۽ 21 ففٽيون شامل آهن. هو مائيڪل بيون (57.86) ويرات ڪوهلي (56.56) ۽ چتيشور پجارا (54.17) کي پوئتي ڇڏيندي لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ايوريج رکندڙ بيٽسمين بڻجي ويو. شان مسعود 2013ع ۾ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ هن وقت تائين هو 12 ٽيسٽ ميچن ۾ 23.54 جي ايوريج سان 565 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي. هن کي اڃا تائين ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي جو موقعو نه مليو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے