21 بدھ , نومبر 2018

هڪ وڏيري جرڳو ڪري قانون جي عملداري کي للڪاريو

نوشهروفيروز : قومي عوامي تحريڪ اڳواڻن لطيف ڀٽي، خالد تنيو ايڊووڪيٽ، جيئي سنڌ محاذ جي جنرل هاشم کوسو، سول سوسائٽي اڳواڻ شڪور عباسي، شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ يونس راڄپر، پ پ شهيد جي اڳواڻ خالد چانڊيو، سنڌ يونائييٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ خادم سيال، سنڌي ادبي سنگت جي مظهر خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏيري جرڳو ڪري قانون جي عملداري کي للڪاريو ۽ وري جرڳي مٿان جرڳو ٿيو پر ان هوندي به حڪومت خاموش آهي، هنن چيو ته نظام وڏيرن کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اهي غريبن جي تذليل ڪندا رهن ٿا، هنن چيو ته جرڳي ۾ شامل ٻين بااثر ماڻهن خلاف نه ڪيس داخل ٿيو آهي ۽ نه ئي وري اهي گرفتار ٿيا آهن جڏهن ته پوليس ۽ ٻيا وڏيرا جرڳائي وڏيرن کي بچائي رهيا آهن، گرفتار وڏيري محمد بخش مبيجو کي به جيل ۾ بنگلي جهڙي سهولت آهي ۽ هو جيل ۾ انتظاميا جو مهمان بڻيل آهي، هنن اعلان ڪيو ته جرڳي ۾ ملوث ٻين وڏيرن کي گرفتار نه ڪرن جي صورت ۾ ايندڙ هفتي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے