15 جمعرات , نومبر 2018

سلمان خان فلم ”ڀارت“  جي منظر جي عڪسبندي پنجاب ۾ ڪرائيندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان فلم ”ڀارت“ جي ڌار ٿيڻ واري هڪ منظر جي عڪسبندي ايندڙ مهيني پنجاب ۾ شروع ڪندو. رپورٽن موجب اداڪار سلمان خان هدايتڪار علي عباس ظفر جي فلم ”ڀارت“ جي ڌار جي واري هڪ منظر جي عڪسبندي ايندڙ مهيني پنجاب ۾ شروع ڪندو، جتي قلعي راءِ پور، گبهر وال، بلگا ۽ گهنگرانا سميت 45 ڳوٺن ۾ 15 ڏينهن تائين عڪسبندي ڪئي ويندي، پر پنجاب شيڊول ۾ ڪهڙي ڳوٺ کان عڪسبندي شروع ڪئي ويندي، ان ڳالهه جو فيصلو ناهي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ علي عباس ظفر جو چوڻ هو ته ان تاريخي واقعي ۾ حقيقت جا رنگ ڀريا ويندا. فلم ۾ اداڪار سلمان خان 5 مختلف ڀيسن ۾ نظر ايندو، جڏهن ته ساڻس اداڪارا پريانڪا چوپڙا مرڪزي ڪردار ادا ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے