17 ہفتہ , نومبر 2018

خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن لاءِ  وٽامن ڊي جو استعمال ڪيو وڃي:ماهر

 لاهور(ويب ڊيسڪ)  هڪ سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن کي جيڪڏهن خوراڪ سان گڏوگڏ وٽامن ڊي وڌيڪ مقدار ۾ کارائي وڃي ته هو تيزي سان تندرست ٿي ويندا ۽ انهن ۾ زبان ڄاڻڻ ۽ جسماني حرڪتن وارو نظام(موٽر سسٽم) تيزي سان بهتر ٿيندو آهي. هن تحقيق کي پاڪستان ۽ برطانوي ماهرن گڏيل طور تي سرانجام ڏنو آهي. خوراڪ جي سخت کوٽ يا سيويئراڪيوٽ ميل نيوٽريشن خوراڪ جي گهٽتائي جي هڪ اهڙي شڪل آهي جيڪا بلڪل واضح نموني نظر ايندي آهي، ان جي شڪار ٻارن جو قد ننڍڙو ٿيندو آهي، اهي تمام گهڻو ڪمزور هوندا آهن ۽ انهن جي جسمن تي گوشت جي گهٽتائي هوندي آهي.انکاسواءِ منهن تي، پيرن ۽ ٻين عضون تي سوڄ نمايان نظر ايندي آهي.پوري دنيا ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار خوراڪ جي سخت کوٽ ۾ مبتلا آهن، پر عام خوراڪ جي کوٽ جو تناسب ان کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. اهڙن ٻارن جي اڪثريت ايشيا آفريڪا سان تعلق رکي ٿي، جيڪي انهن جي موت ۽ سموري حياتي جي معذورو جي سبب پڻ بڻجي ٿي.انهن ٻارن ۾ عام طور تي وٽامن ڊي جي کوٽ هوندي آهي، جيڪا هڏن ۽ پٺن جي لاءِ تمام گهڻو ضروري هوندو آهي ۽ جسم جي دفائي نظام کي مضبوط بڻائيندو آهي.جيڪڏهن خوراڪ جي گهٽتائي وارن ٻارن ۾ وٽامن ڊي پڻ گهٽ ٿي وڃي ته ان سان پُٺا ۽ ڳرڻ لڳندا آهن، ان صورت ۾ کين توانائي واري خوراڪ پيسٽ جي صورت ۾ کارائي ويندي آهي پر ان کان اڳ وٽامن ڊي جا اثر نه ڏٺا ويا هئا. ان سلسلي ۾ پنجاب يونيورسٽي ۽ ڪوئن ميري يونيورسٽي لنڊن جي ماهرن ڏکڻ پنجاب ۾ هڪ سروي ڪيو جتي 14 لک ٻار سخت خوراڪ جي کوٽ جا شڪار آهن. انهن مان 185 ٻارن جي چونڊ ڪئي وئي جن جي عمر 6 مهينن کان 4 سالن جي وچ  ۾ هئي.هي ٻار خوراڪ سان ڀرپور پيسٽ استعمال ڪري رهيا هئا.انهن مان 93 ٻارن کي روزاني 5 ڪلوگرام وٽامن ڊي کارايو ويو جيڪو هڪ ملي ميٽر زيتون جي تيل ۾ ملايو ويو هو جڏهن ته 92 ٻارن کي رڳو هڪ فرضي دوا(پلاسيبو) زيتون جي تيل ۾ ملائي ڏني وئي.پر ان باوجود سروي ڪندڙ ٽيم، ڊاڪٽرن ۽ ٻارن جي وارثن کي به ان حوالي سان ڪا ڄاڻ نه هئي ته ڪهڙو ٻار وٽامن ڊي کائي رهيو آهي، اهڙو عمل کي ڊبل بلائنڊ سروي چيو ويندو آهي جنهن ڪنهن به قسم جي غلط نتيجن کان محفوظ رهي سگهجي ٿو. ٻن ميهنن بعد جن ٻارن وٽامن ڊي جي خوراڪ کاڌي هئي انهن جو وزن 250 گرام(هڪ پاءُ) اضافو ٿيو.انهن ۾ موٽر ۽ زبان سکڻ جو عمل به 21 سيڪڙو بهتر ٿيو.پر فرضي دوا(پلاسيبو) کائيندڙ ٻارن ۾ اهڙي ڪا به مثبت تبديلي نه ڏٺي وئي، انڪري ماهرن جو خيال آهي ته خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن کي جيڪڏهن مناسب خوراڪ سان گڏوگڏ وٽامن ڊي جو مناسب مقدار کارايو وڃي ته ان جا فوري طور تي بهتر نتيجا نڪرندا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے