16 جمعہ , نومبر 2018

کلڻ منع آهي

پهريون جملو….

زال، مڙس کي چيو، سائين توهان جي پٽ اڄ پهريون جملو ڳالهيو آهي، مڙس: ڀلا ٻڌاءِ ته سهي منهنجي پٽ ڇا ڳالهايو: زال وراڻيس: امان، انڊروئڊ موبائل فون وٺي ڏيو، سنگت فيس بڪ تي انتظار پئي ڪري.

عمر

هڪ همراهه پنهنجي ڇهن سالن جي ٻار کي داخلا لاءِ اسڪول وٺي وڃي رهيو هو، هن ٻار کي سمجهائيندي چيو، پٽ: ميڊم تو کان جيڪڏهن ڄمار پڇي ته تون پنهنجي ڄمار 4 سال ٻڌائجان، جيڪڏهن تون ڇهه سال ٻڌائيندي ته تو کي داخلا نه ڏيندي. همراهه ٻار کي وٺي اسڪول پهتو، ميڊم ٻار کان پڇيو، پٽ تنهنجي ڄمار ڪيتري آهي؟ ٻار معصوميت سان وراڻيو، ميڊم! منهنجي ڄمار گهر ۾ ڇهه سال، اسڪول ۾ چار سال ۽ ريل ۾ سفر دوران ٽي سال هوندي آهي.

ڪنجوس

هڪ همراهه پنهنجي ڪنجوس پاڙيسري کي چيو، ابا ڇا ٿيو، تون ايترو ڪاوڙ ۾ ڇو آهين؟ ڪنجوس چيس، ننڍڙي اڄ نوان چپل پاتا هئا، مون کيس چيو ته هڪ بدران ٻئين ڏاڪي تي پير رکي چڙهه ته جيئن چپل جو ترو گهٽ گسي، پر نڀاڳي ٻن بدران ٽئين ڏاڪي تي پير رکيو، نتيجي ۾ سندس شلوار ڦاٽي پئي.

سرڪس

سرڪس ۾ شينهن کي پاليندڙ عورت جو شينهن تي ڪنٽرول هو، ان عورت جي اشاري تي هڪ خوفناڪ شينهن عورت جي منهن مان مٺائي جو هڪ ٽڪرو ڪڍي ورتو. سڀني ماڻهن تاڙيون وڄايون، پر هڪ شخص تاڙين بدران رڙ ڪندي چيو، هي ته هر شخص آساني سان ڪري سگهي ٿو. سرڪس جي رنگ ماسٽر ٻڌو ته ڪاوڙ ۾ چيائينس، ڇا تون اهڙي همت ڪري سگهين ٿو؟ هن وراڻيو، ها بلڪل! مان اُهو سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو جيڪو شينهن ڪيو آهي.

سور

هڪ ننڍڙو ٻار اسڪول مان گهر واپس آيو ته پنهنجي ماءُ کي چيائين، بک سبب پيٽ ۾ سور ٿي رهيو آهي. سندس ماءُ جلدي سان ماني سندس آڏو لڳائي ۽ چيو ظاهر آهي پيٽ ۾ ڪجهه هوندو ئي نه ته سور ته ٿيندو نه. شام جو ننڍڙو ٻار هوم ورڪ ڪري رهيو هو، سندس والد گهر ۾ داخل ٿيو ۽ گهر واري کي چيائين ته مٿي ۾ سور ٿي رهيو آهي. ننڍي ٻار ٻڌو ته چيائين، ظاهر آهي مٿي ۾ ڪجهه هوندي ئي نه ته سور ته ٿيندو نه.

ڪمري جي دري….

هڪ هوٽل جي ڪمري ۾ هڪ زال مڙس جو جهيڙو ٿي پيو، مڙس هوٽل جي مئنيجر کي فون ڪري چيو: مئنيجر صاحب! توهان اسان جي ڪمري نمبر 103 ۾ جلدي اچو منهنجو ۽ منهنجي زال جو جهيڙو ٿي پيو آهي، مئنيجر: سائين هي اوهان ۽ اوهان جي زال جو مسئلو آهي اسان ڇا ٿا ڪري سگهون، همراهه چيس: مئنيجر صاحب! اوهان اچو ته سهي منهنجي زال چوي ٿي آئون ڪمري جي دريءَ مان ٽپ  ڏئي خودڪشي ٿي ڪريان پر دري نه ٿي کلي.

ويلڊنگ وارا مستري…

ٻه موالي رات جو ٻاهر پٽ تي ستا پيا هئا، اوچتو کنوڻ سان زوردار مينهن وسي پيو،  هڪ موالي چيو يار اٿي ته اندر هلون آسمان ليڪ ٿي پيو آ،،،، ٻئي مواليءَ وراڻيس، نه يار نه، اهي ويلڊنگ وارا مستري آهن، ويچارا رات جو به پنهنجي روزيءَ کي لڳا پيا آهن.!!

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے