17 بدھ , اکتوبر 2018

سنڌ ۾ وري ڪَرُ کڻندڙ چورن ۽ ڌاڙيلن جي مَٿي چِٿَ جي ضرورت

دڪانن کي کاٽ هجن، مال جي چوري يا ماڻهو کڻي ڀنگ تي ڇڏڻ اهي ڏوهه ورهين کان سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پيل آهن، جن جو خاتمو هر دور ۾ سنڌ جي ماڻهن جو خواب پئي رهيو آهي. انهن ڏوهن جي اهميت تڏهن گهٽ محسوس ٿئي ٿي جڏهن پنهنجي جسم سان بم ٻڌي ٻين کي مارڻ لاءِ بم ڌماڪن جهڙي ڏوهه ڏڪائي ڇڏيندڙ دهشت گرديءَ جو بنياد پيو، درگاهن کي، پيرن فقيرن جي مزارن تي، فوج تي، پوليس تي، اسڪولن تي ۽ سياستدانن تي بمن سان جڏهن حملا ٿيا ته چوري چڪاريءَ جهڙا ڏوهه ڄڻ ته وڏن ڏوهن جي دز ۾ دٻجي ويا پر هاڻي جڏهن ان وڏي سطح جي ڏوهن جن جو بنياد هڪ خاص سوچ ذريعي پيو هو ۽ جن جو نشانو سماج جو طاقتور به ته ڪمزور به، مطلب ته هر طبقو بڻجي رهيو هو تڏهن دڪانن کي کاٽ لڳڻ، لوڙها ٽپي مال چورائي وڃڻ يا وري اغوائن جي وارداتن تان ماڻهن جو ڄڻ ته ڌيان کڄي ويو پر سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙين وارداتن جي ڪرُ کڻڻ جا اطلاع آهن.

روهڙيءَ جي ڇوهارا مارڪيٽ ۾ ٽيون ڏينهن چور هڪ ئي رات ۾ چوڏهن دڪانن مان چوري ڪري لکين رپين جو سامان کڻي ويا جڏهن ته هن معاملي تي پوليس جو روايتي رويو رهيو آهي جهڙو هميشه رهندو پئي آيو آهي. نه رڳو ايترو پر ڪالهه ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي علائقي ڪرمپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او علي حسن بکراڻي ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن  هٿان شهيد ٿي ويو آهي. هي سٽون لکجڻ تائين ڌاڙيلن جو ڪنهن به قسم جو ڪو به نقصان ٿيڻ يا ڪي به اطلاع نه مليا آهن.

ملڪ ۾ جڏهن ضيائي آمريت آئي ته سنڌ کي سياسي شعور جي سزا ڏيڻ لاءِ جتي سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ لاءِ ڪاپي ڪلچر متعارف ڪرايو ويو اتي سنڌ جي امن کي تيلي لڳائڻ لاءِ ڌاڙيل ڪلچر کي به پيدا ڪيو ويو.نه رڳو ايترو پر هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر به ان دور جا سنڌ کي ڏنل اهي تحفا آهن آهن جن کان اڄ ڏينهن تائين سنڌ جند ڇڏائي نه سگهي آهي. توڙي جو هاڻي اهڙي صورتحال ناهي جيڪا 80 يا 90 ع جي ڏهاڪي ۾ هوندي هئي جو ڳوٺ ته ڇڏيو پر شهر به ڌاڙيلن کان محفوظ نه هوندا هئا. دادو جو ڪچو هجي يا لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جو، يا وري ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا علائقا ۽ گهوٽڪي جو ڪچو مطلب ته سنڌ جو ڪچو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ هيو. ڏينهن رات جو ماڻهو اغوا ٿيندا هئا ۽ ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ هو.

ڌاڙيلن ڪلچر جو هڪ ته سنڌ کي اهو نقصان رسيو جو سنڌ جو امن تباهه ٿيو ۽ ٻيو وري ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جي آڙ  ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ جا ٻيلا تباهه ڪري سنڌ ۾ اهڙي ته آبهوائي تباهيءَ جا بنياد رکيا ويا جو هاڻي سنڌ مينهن لاءِ سِڪي ٿي، سنڌ جو جرُ کُٽي ويو، جڏهن ته موسم سخت ۽ گرمين ۾ به واڌ اچي وئي. سو چوڻ جو مطلب اهو ڌاڙيل ڪلچر جيڪو ضياءَ جي دور ۾ سنڌ جي ڪنڌ ۾ وڌو ويو، تنهن جو ڪيئي ڏهاڪا گذرڻ باوجود مڪمل خاتمو اچي نه سگهيو آهي جنهن جو چٽو مثال ڪالهه ڪرمپور ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ پوليس جي ايس ايڇ او جي شهادت آهي.

هلڪي ڦلڪي چوري ته هر سماج جو حصو پئي رهي آهي، ان کان مهذب دنيا جا ملڪ به محفوظ ناهن رهيا، بلڪل ايئن ئي سنڌ ۾ به چوپائي مال وغيره جي چوريءَ جون وارداتون  ته ٿينديون رهنديون آهن پر ماڻهن جي گهرن ۽ دڪانن کي کاٽ هڻي سندن الهه تلهه ٻهاري ڇڏڻ جي روايت وري سنڌ جي ڏاڍ مڙسيءَ واري سياست سان تعلق رکي ٿي.اهو ايئن ته پراڻي وقت ۾ جڏهن ڪي ڳوٺاڻا ارڏائي ڏيکاري ڪنهن وڏيري کي ووٽ نه ڏيندا هئا ته موٽ ۾ تنهن وقت جو وڏيرو اڄ جي وڏيرڪي دهشتگردي واري واٽ جي ابتڙ مخالفن جي گهرن ۽ دڪانن کي يا ته کاٽ هڻائيندو هيو يا وري انهن جو مال چوري ڪرائيندو هيو. ايئن ان وقت ۾ سياسي مخالفن کي چوري ڪرائي چٻ ڏني ويندي هئي. پر اڄ جڏهن دنيا تبديل ٿي چڪي آهي، اڄ جڏهن امن جون دعوائون ٿين ٿيون، اڄ جڏهن محسوس ٿئي ٿو ته سماج بهتري جي رستي تي هلي رهيو آهي اهڙي وقت ۾ روهڙيءَ جهڙي اهم شهر جيڪو سنڌ جي معيشت ۾ اهم حيثيت رکي ٿو تنهن ۾ هڪ ئي رات ۾ 14 دڪانن کي کاٽ لڳڻ جي واردات ڪا هلڪي ڦلڪي واردات ناهي نه ئي وري ڌاڙيلن جي حملي ۾ ايس ايڇ او جي شهادت ڪا معمولي واردات ناهي. سنڌ سرڪار خاص ڪري آءِ جي سنڌ کي هنن وارداتن جو نوٽيس وٺندي ملوث جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن ۽ اهو به يقيني بڻايو وڃي ته چورن ۽ ڌاڙيلن جون وارداتون ٻيهر سنڌ جي ڪنڌ ۾ نه پون.

اڱارو 8 مئي 2018ع، 21 شعبان المعظم 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جي وبا….

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 3- سيپٽمبر 2018ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے