15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ميرپور ٻرڙو: گهر  کي باهه لڳڻ ڪري پيءُ ۽ پٽ فوت

ميرپور ٻرڙي ڀرسان باهه واقعي ۾ ٻارڙي کي بچائڻ لاءِ باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل همراهه فوت ٿي ويو.

ڳوٺ رانجهاپور ۾ گهر کي اوچتو باهه لڳڻ سبب چئين ورهين جي نينگر کي باهه وڪوڙي وئي، ٻارڙي جي پيءُ عبدالحڪيم بنگلاڻي کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو به سڙي سخت زخمي ٿي پيو،

عبدالحڪيم کي سکر اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته باهه واقعي ۾ چئن ورهين جو ٻارڙو به سڙي فوت ٿي ويو.

هوڏانهن ضلعي انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن باهه متاثرن جي سار نه لڌي.

ميڊيا آڏو باهه متاثرن دانهيو ته فائر برگيڊ عملي جا نمبر سدائين بند رهن ٿا، جنهن سبب باهه واقعن ۾ تمام گهڻو نقصان رسي رهيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري کيس پابند بڻائين…………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج رپورٽ : …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے