17 بدھ , اکتوبر 2018

ايران سان ايٽمي معاهدي جو خاتمو ۽ پابندين جي بحالي

اڳوڻي آمريڪي صدر براڪ اوباما جي ڪوششن سان دنيا جي ڇهن عالمي طاقتن ايران سان جيڪو ايٽمي معاهدو ڪيو هو، سو نئين آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ  ختم ڪندي ايران خلاف جيڪي عالمي  پابنديون هنيون سي بحال ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته آمريڪا جي اتحادين يورپين يونين توڙي جاپان ٽرمپ جي اهڙي فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. يورپين يونين چيو آهي ته اها ٽرمپ جي اهڙي فيصلي جو حصو نه بڻبي.

ڊونالڊ ٽرمپ ايران سان ايٽمي معاهدو ختم ڪندي چيو آهي ته ايران مان جيڪو خطرو آهي، تنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ  گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي.  ٽي وي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ايران سان سندس ايٽمي پروگرام تي جيڪو معاهدو ڪيو ويو هو، سو انتهائي بدترين ۽ هڪ ڌريو هو، اهڙو  معاهدو جيڪو آمريڪا پنهنجي تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ڪيو.

ايران سان معاهدي ۾ شامل برطانيا، فرانس ۽ جرمني گذريل هفتي ئي صدر ٽرمپ کي صلاح ڏني هئي ته هو ايران سان معاهدو ختم نه ڪري، ڇو جو معاهدي تحت ئي ايران کي ايٽمي طاقت بڻجڻ کان روڪي سگهجي ٿو. ڏٺو وڃي ته ايران سان آمريڪا سميت دنيا جي جن ڇهن طاقتن ايٽمي طاقتن اوباما جي دور ۾ ايران سان ايٽمي معاهدو ڪيو هو. سو معاهدو اصل ۾ ايٽمي توانائيءَ واري  عالمي اداري آءِ اي اي اي اي جي معائنيڪارن جي ايران جي لاڳيتن دورن ۽ انهن رپورٽن جي روشنيءَ ۾ ڪيو هو ته ايران يورينيم جي افزودگي ان حد تائين گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن سطح تي دنيا  چاهيو ٿي، اهو يقيني ٿيڻ ته ايران ايٽمي هٿيارن جي تياريءَ ڏانهن نه پيو وڃي، باوجود ڊونالڊ ٽرمپ ايران سان هن معاهدي ۾ شامل برطانيا، فرانس توڙي جرمني ۽ ٻين ملڪن جي راءِ کي رد ڪندي معاهدي جي خاتمي جو هڪ طرفو جيڪو فيصلو ڪيو آهي، تنهن جا دنيا تي خاص ڪري خطي تي خطرناڪ اثر پئجي سگهن ٿا.

دونالڊ ٽرمپ جڏهن چونڊ مهم ٿي هلائي، تڏهن هن جو برو لهجو ٻڌائي رهيو هو ته دنيا جي سپر پاور جو صدر جي ههڙو شخص بڻيو ته دنيا جو امن تاراج ٿي سگهي ٿو. سو هن صدر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي عمل ذريعي سندس بابت جيڪي تبصرا ۽ تجزيا ٿي رهيا هئا، سي درست ثابت ڪري ڏيکاريا. هن سڀ کان پهريان ته سفارتي اصول ۽ قانون  لتاڙي عامي آبهوائي معاهدو ختم ڪيو. هينئر ايران سان معاهدو  ختم ڪندي اُن خلاف پابنديون بحال ڪيون اٿائين، جڏهن ته دهشتگرديءَ واري عالمي ويڙهه ۾ پهرين صف واري اتحادي يعني پاڪستان جي نه رڳو امداد بند ڪئي پر ڪوليشن سپورٽ فنڊ تحت پاڪستان جون جيڪي رهتون آمريڪا ۽ ٽرمپ توڙي سندس صلاحڪار پاڪستان خلاف ڌمڪي آميز ٻولي استعمال ڪندا رهيا ۽ پاڪستان جيڪو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين قيمتي جانيون ضايع ڪري  چڪو آهي، تنهن جي انهن قربانين کي نظر انداز ڪندي اُن جي دهشتگرديءَ خلاف ڪردار کي مڃڻ بدران پاڪستان جي امداد ئي بند ڪري ڇڏي.

سو پاڪستان جيڪو آمريڪا جو دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ نيٽو کان ٻاهر اهم اتحادي هو، تنهن سان ڪَم لٿو ڊکڻ وسريو واري ڪار ڪئي وئي. بجاءِ پاڪستان جي ڏکين حالتن ۾ مدد ڪرڻ جي آمريڪا پاڪستان جي روايتي دشمن ڀارت سان وڃي ايٽمي توانائيءَ جي  پرامن استعمال جو معاهدو ڪيو. نه رڳو ايترو پر اُن معاهدي تحت ڀارت ۽ آمريڪا طرفان هڪ ٻئي جا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ وارو به معاهدو شامل آهي، جيڪو يقيني طور پاڪستان کي سوڙهو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه  به نه آهي.

اهڙي طرح ايران جڏهن عالمي دنيا کي مثبت موٽ ڏني ته اُن جي اهڙي عمل تي سَهو ٿيڻ بدران آمريڪا اهڙو عمل ڪيو، جيڪا خواهش ايران جي روايتي مخالف سعودي عرب جي رهي آهي، جنهن ايران سان ايٽمي معاهدو ختم ڪرڻ واري ٽرمپ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.

وچ اوڀر ۾ آمريڪا ، سعودي ۽ سندن اتحادين جو  رخ ايران، شام ۽   روس جي خلاف آهي، جنهن جي ڪري وچ اوڀر جي امن کي ڏهاڪن کان جيڪا باهه لڳل آهي، سا وسائڻ بدران ايران خلاف پابندين واري تازي فيصلي  سان اها باهه اڃا به ڀڀڙَ ٿي ٻري سگهي ٿي. سو دنيا ۾ امن لاءِ موجوده آمريڪي ڪردار  انتهائي خطرناڪ آهي، عالمي طاقتن کي دنيا کي امن جو گهوارو بڻائڻ لاءِ اهڙن عملن کان پاسو ڪرڻو پوندو، جن سان امن يقيني ٿيڻ بدران حالتون ويتر  ابتر ٿين.

خميس 10 مئي 2018ع، 23 شعبان المعظم 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جي وبا….

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 3- سيپٽمبر 2018ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے