19 پیر , نومبر 2018

نيوز:ڪوٽڙي: فتح ۽ شڪست سندس هٿ ۾ آهي:ملڪ اسد سڪندر

*پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ملڪ اسد سڪندرچيو آهي ته  فتح ۽ شڪست  سندس  هٿ ۾ آهي ، هو جنھن کي چاھي ان کي فاتح  بڻائي سگهي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ان کي  شڪست ڏياري سگهي ٿو .

 ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر چيو ته هو چونڊن ۾ جنهن کي چاهي ان کي فاتح بڻائي سگهي ٿو .

 ملڪ اسد سڪندر چيو ته جيڪي ڀائر کيس عزت ڏين ٿا هو انهن جو ٿورائتو آهي  ۽ انهن جي اميدن تي پورو لهندو .

 هن چيو ته جيڪي ماڻھون اڄ ڳالھيون ڪن ٿا اھو سوچي وٺن ته اسان انھن کي کٽرائي سگھون ٿا ته ھارائي به سگھون ٿا

هن چيوته هي هڪ ننڍڙو ميلو آهي جلد ڪوٽڙي ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري مخالفن جا ڏند کٽا ڪنداسين…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي: معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ڪوٽڙي ۾ ٻڪري پاران  ٽماٽا کائڻ تان  ٻن  ڌرين ۾ جهيڙي   دوران ٻڪري مالڪ قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے