17 بدھ , اکتوبر 2018

سنڌ بجيٽ، ڪجهه سوال، ڪجهه جواب

                         سنڌ حڪومت مالي سال 2018ع-2019 ع  لاءِ   بجيٽ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪا به نئين ٽيڪس نه لڳائي وئي آهي، جڏهن ته بجيٽ جو وڏو حصو هلندڙ ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿيندو، جنهن ۾ عوامي ڀلي لاءِ ڪنهن به نئين ا سڪيم جو اعلان ڪيل نه آهي، جڏهن ته بجيٽ ته سنڌ حڪومت مالي سال 2018ع-2019 ع  لاءِ  پيش ڪئي آهي پر بجيٽ  فقط سال جي هڪڙي ٽه ماهيءَ لاءِ منظور ڪئي ويندي، باقي نون مهينن جي بجيٽ جي منظوري ايندڙ حڪومت ڏيندي.

بجيٽ سيشن دوران سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر پاران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ حڪومت  جي پيش ڪيل اهڙي بجيٽ جي خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو،

پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت  جيڪا بجيٽ پيش ڪئي آهي اها مجموعي طور تي سڄي مالي سال 2018ع-2019 ع  لاءِ آهي، جنهن جو مقدار مجموعي طور تي 11 کرب، 144 ارب، 44 ڪروڙ ،80 لک آهي، جڏهن ته ٽن مهين جي خرچن لاءِ منظور ٿيندڙ بجيٽ جو مقدار آهي 3 کرب، 43 ارب، 90 ڪروڙ، 43 لک آهي، باقي نون مهينن جي بجيٽ ايندڙ حڪومت منظور ڪندي ۽ ايندڙ حڪومت هاڻوڪي پيش ڪيل بجيٽ جي آڌار تي پنهنجي سرڪار جا معاملا هلائيندي.

وفاقي حڪومت بعد سنڌ حڪومت ۾ به يقينن اهو پهريون موقعو آهي جو ويندڙ حڪومت  ويندي ويندي فقط سال جي ڪجهه مهينن لاءِ بجيٽ منظور ڪرائي آهي. بجيٽ ۾  50 –  ارب نئين اسڪيمن لاءِ ، 30- ارب ضلعي ترقياتي ڪمن ۽ 252 – ارب ضلعي ترقياتي ڪمن لاءِ مختص ڪئا ويا آهن. بجيٽ ۾ مجموعي طور تي ڪو به نئون ٽيڪس لڳايل ناهي، جڏهن ته بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 22- ارب روپين جو خسارو ڏيکاريو ويو آهي.

هي آهن سنڌ حڪومت جي مالي   سال 2018ع-2019 ع   جي بجيٽ جا انگ اکر جيڪي  سمجهڻ لاءِ عوام کي گهڻي مٿا ڪٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جو بجيٽ عوام جي  نه ته دلچسپيءَ جو موضوع آهي ۽ نه فائدي جي ڳالهه…. عوام جو ته اهو ئي خيال آهي ته بجيٽ کان اڳ به غربت ۽ حالتون خراب هيون ۽ بجيٽ کان بعد به غربت رهندي ۽  حالتون خراب رهنديون.

پيپلز پارٽيءَ جي هن دور حڪومت ۾ هيءَ  ڪا پنجين بجيٽ آهي جيڪا پيش ڪئي وئي آهي، پيپلز پارٽي جڏهن پنهنجي هن دور جي پهرين بجيٽ پيش ڪئي هُئي تڏهن اٽو ويهه کان پنجويهه رپيا في ڪلو هو ۽ هاڻي چاليهه کان پنجاهه  رپيا ڪلو آهي، کير  سٺ کان پنجهٺ رپيا ڪلو هو ۽  هاڻي سو رپيا ڪلو آهي، اهڙي ئي نموني زندگيءَ جي ضرورت جون سموريون شيون مهانگيون ٿيون ۽ ٿينديون وڃن ٿيو، ائين نه آهي ته پيپلز پارٽيِءَ جي  حڪومت جي  هن دور جي پهرين سال جي بجيٽ ايتري مستحڪم هجي جو ايندڙ سال جي بجيٽ نه وڌي ته چئبو ته بجيٽ ڪامياب آهي ۽  ان ۾ عوام جي ڀلي لاءِ ڪيئي  حڪمت عمليون لڪل آهن جن مان اڳتي هلي عوام کي فائدو ٿيندو.

اسان کي هتي سنڌ حڪومت جي هاڻوڪي پيش ڪيل بجيٽ تي ڪو بحث مقصود ناهي، پر اسان هتي فقط سنڌ جي عوام جي تڪليفن  جو مٿاڇرو جائزو وٺنداسين.

– سنڌ جي عوام کي پيئڻ  جو صاف پاڻي ته پري جي ڳالهه آهي، جانورن  جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ميسر ناهي…،

– سنڌ جو جر زهريلو، واهه زهريلا، کوهه زهريلا ۽ هاڻي ته سنڌ جون هوائون به زهريليون ٿينديون پيون وڃن….،

– صحت جي مد ۾ سنڌ جي عوام وٽ دوا  وٺڻ جا پئسا ته پري جي ڳالهه آهي، انهن کي ڊاڪٽرن جي في جيترا پئسا به ناهن، اسپتالن جي حالت انتهائي بدترين آهي.

– تعليم جي حوالي سان ڏسنداسين ته لکين اسڪول بند ۽ ڪروڙين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، پڙهڻ جي خواهمند ٻارن وٽ ڪتاب ناهن، اسڪولن ۾ استاد ناهن، سرڪاري ڪتابن  ۾ پڪوڙا پيا وڪامجن..

– زراعت لاءِ پاڻي ناهي، ڪمند ۽ ڪڻڪ جا فصل شاندار لٿا ته انهن جي آبادگارن کي اگهه نه مليا…..

– نوڪرين ۽ روزگار جا ذريعا گهٽبا ٿا وڃن  بي روزگارن  ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي……،

– روڊن تي حادثن جي صورتحال اها آهي جو هڪ هڪ خاندان جا پنج پنج ماڻهو حادثن ۾ مارجي ٿا وڃن….،

– ڪراچي، حيدرآباد،ٺٽي ۽ بدين ۾  لکين جوان، ٻار ۽ عورتون ڳٽڪي جي وبا ڪري وات، زبان ۽ جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، انهن جي بحالي ۽ بچاءَ لاءِ ڪنهن ضروري فنڊ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

صوبائي حڪومت جي بجيٽ پنهنجي جاءِ تي. سنڌ جون معروضي ۽ زميني حقيقتون پنهنجا جاءِ تي. سوال هي آهي ته سنڌ جي ڪابه حڪومت هر سال جي بنياد تي سنڌي سماج  جي موجوده زميني حقيقتن ۽ مالي وسيلن کي سامهون رکي بجيٽ ڇو نه ٿي ترتيب ڏئي؟.جڏهن ته گذريل ستر سالن کان بجيٽ جو هڪ وڏو حصو اهڙن ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿيندو رهيو آهي جن جو عوام کي ٽڪي جو فائدو به نه پيو آهي، ستر سالن جا ترقياتي منصوبا ، نوڪريون ۽  اقتصادي منصوبا مجموعي طور تي سنڌي سماج ۾ ڏهه سيڪڙو به انساني ترقي ظاهر ڪري نه سگهيا آهن ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هر سال جي بجيٽ ڪهڙي پاسي پئي خرچ ٿئي.

اسان ان خيال جا آهيون ته بجيٽ اها بهتر آهي جيڪا ” سماج  ۾ انساني ترقيءَ جو عمل مڪمل ڪري سگهي“، جيڪڏهن ائين نه ٿو ٿي سگهي ته هر حڪومت جي بجيٽ  ۽  هر سال ايندڙ بجيٽ سموري سماج ۽ ڪروڙين ماڻهن سان ڌوکي کان سواءِ ڪجهه به ناهي، اسين ايندڙ حڪومتن کان اميد ٿا ڪريون ته هو پنهنجي بجيٽ جي فلسفي ۽ حڪمت عملين جو جائزو وٺنديون ته جيئن سنڌ ۾ سماجي ترقين سميت انساني ترقين جو عمل به بهتر نموني اڳتي وڌي سگهي.

جمعو 11  مئي 2018ع، 24 شعبان المعظم 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جي وبا….

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 3- سيپٽمبر 2018ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے