19 پیر , نومبر 2018

نيوز:ٺاروشاھ: ھٿرادو گيس لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين جي احتجاجي ريلي

*ٺاروشاھ ۽ آس پاس ۾ ھٿرادو گيس لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين  احتجاجي ريلي ڪڍي  مظاهرو ڪيو.

مظهر سومرو،  اسد شاھ،  بخشل منگي ، عبدالحق اڄڻ ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ماسٽر چندر چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ    گيس انتظاميا غيرقانوني طور لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي.

هنن چيو تھ  انتظاميھ گئس جو پريشر گهٽ ڪري ڇڏي ٿي،  جنهنجي ڪري هنن جا ٻارڙا صبع جو ناشتو ڪرڻ بنا اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته ريجنل گيس آفيسر کي هٽائي نئون آفيسر مقرر ڪري هٿرادو گئس لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي: معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ڪوٽڙي ۾ ٻڪري پاران  ٽماٽا کائڻ تان  ٻن  ڌرين ۾ جهيڙي   دوران ٻڪري مالڪ قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے