18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز: ضلعي ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ جو اجلاس، ترقياتي ڪم ناقص ٿيڻ جون دانهون

District Council Qambar Shahdadkot's meeting, the developmental work of the poor* ضلعي ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب ملتوي ڪيو ويو، جڏهن ته ميمبرن ترقياتي ڪمن ۾ناقص ميٽريل جي استعمال جون دانهون ڪيون.

چيئرمين محمد قاسم کوسي جي صدارت هيٺ ٿيل ضلعي ڪائونسل جي اجلاس ۾54 يونين ڪائونسل جي ميمبرن مان 38 ميمرن شرڪت نه ڪئي.

ڪورم پورو نه هجڻ ڪري اجلاس ميٽنگ ۾ تبديل ٿي ويو، ان موقعي تي چيئرمين محمد قاسم کوسو ميمبرن کان ترقياتي ڪمن بابت پڇا ڪئي.

ان موقعي تي ميمبرن ارشاد علي لاکو، محمد اسماعيل بروهي، طارق حسين چانڊيو، لياقت علي مغيري، عبدالخالق چانڊيو ٻين ترقياتي ڪم ناقص ٿيڻ جون دانهون ڪيون.

هنن چيو ته اسان جن کان ووٽ ورتا آهن انهن ماڻهن اسان کي گهڻو تنگ ڪيو آهي.

اجلاس ۾ڳالهائيندي چيئرمين محمد قاسم کوسو چيو ته جن به ٺيڪيدارن جو صحيح ڪم نه آهي انهن جي پيمنٽ روڪي وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-18

اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري ڪراچي: نيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے