20 منگل , نومبر 2018

آخر پاڪستان ۾ عورت کي انسانُ سمجهڻ جي شروعات ڪڏهن ٿيندي؟

اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورتن تي تشدد کي جائز قرار ڏئي جهالت جو ثبوت ڏنوآهي: ساڃاهه وند
مولانا شيرازي جي مولوي هجڻ واري ڊگري ڪوڙي آهي، تصديق ڪرائي وڃي: سنڌ ساگر پارٽي جو اڳواڻ مولانا عزيزلله ٻوهيو
جهنگ جا قانون لاڳو ڪيا ويا، هاڻي ضياءِ جي دور وارو پاڪستان ناهي، مذهب جي نالي تي هاڻي ملڪ نه هلي سگهندو: وينگس
شرعي فيصلن سان عورتن جي تذليل نٿي ڪري سگهجي: صالحا اطهر جون عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”ٽيون رخ“ ۾ڳالهيون
ڪراچي (رپورٽر) اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورتن تي تشدد کي جائز قرار ڏئي جهالت جو ثبوت ڏنوآهي. مولانا شيراني جي ڊگري جي تصديق ڪرائي وڃي. جناح جي يارنهن آگسٽ واري تقرير سيڪيولر پاڪستان جي ترجماني ڪري ٿي. هاڻي ضياءِ جي دور وارو پاڪستان ناهي رهيو. اسيمبلي مان پاس ٿيل عورتن جي حقن واري بل کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل وارن نظر اندز ڇو ڪيو؟ عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ عدالتي ۽ پارليامياني نظام موجود آهي، غيرت جي نالي ۾ ٿيندڙ قتل جي سمورو پاڪستان مذمت ڪري ٿو. مذهبي ٺيڪيدارن هميشه عورتن کي پنهنجن مقصدن لاءِ قربان ڪيو آهي. شرعي فيصلن سان عورتن جي تذليل نٿي ڪري سگهجي. اهڙو اظهار سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ مولانا عزيزالله ٻوهيي، عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ صالحا اطهر ۽ صحافي وينگس” عوامي آواز“ ٽي وي تي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ٽيون رخ ۾ ڪيو. سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ ۽ سياستدان مولانا عزيزلله ٻوهيي چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورتن تي تشدد کي جائز قرار ڏئي جهالت جو ثبوت ڏنوآهي. اسلام ۾ هڪ مرد هڪ عورت کي جائز قرار ڏنو ويو آهي. مولانا شيرازي جي مولوي هجڻ واري ڊگري ڪوڙي آهي، ان جي تصديق ڪرائي وڃي. نظرياتي ڪائونسل تي بندش لڳائي وڃي. هنن قرآن جي تعليم جي غلط نموني سان تشريح ڪئي آهي.جناح هڪ سيڪيولر ماڻهو هو. جناح جي يارنهن آگسٽ واري تقرير سيڪيولر پاڪستان جي ترجماني ڪري ٿي. ليکڪا ۽ صحافي وينگس چيو ته هن ملڪ ۾ جهنگ جا قانون لاڳو ڪيا ويا آهن.هاڻي ضياءِ جي دور وارو پاڪستان ناهي رهيو.مذهب جي نالي تي هاڻي هي ملڪ نه هلي سگهندو. موجوده پاڪستان عورتن جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي تشدت برداشت نه ڪندو. مولانا شيراز ي جو لاڳو ڪيل قانون هن ملڪ ۾ نه هلي سگهندو. پاڪستان کي لبرل ٿيڻو پوندو .اسيمبلي مان پاس ٿيل عورتن جي حقن واري بل کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل وارن نظر اندز ڪيو .غيرت جي نالي ۾ ٿيل قتل جي سمورو پاڪستان مذمت ڪري ٿو.روشن خيال ماڻهن کي طئي ڪرڻو پوندو ته ڇا پاڪستان جي ماڻهن جا فيصلا مولانا شيراني ڪندو ؟ عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ صالحا اطهر چيو ته عورت تي تشدد ڪرڻ هر صورت ۾ ناجائز آهي.شرعي فيصلن سان عورتن جي تذليل نٿي ڪري سگهجي.عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ عدالتي ۽ پارليامياني نظام موجود آهي.مذهب ۾ به عورت ۽ مرد کي برابري جا حق حاصل آهن.عورت کي معاشري ۾ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو.جنهن جي ڪري اهڙا فيصلا ڪيا وڃن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے