21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڀان سيد آباد : گراهڪ جو دڪاندار تي حملو، چاقو هڻي زخمي

Bhan Sayyed Abad: Attack on the creator's crew, wound knifeڀان سيدآباد ۾دڪاندار ۽ گراهڪ ۾جيهڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾دڪاندار زخمي ٿي پيو.

شهر جي مين چوڪ تي جنيد سرهيو جي دڪان تي معمولي ڳالهه تان دڪاندار جنيد سرهيو ۽ گهراڪ ۾منهن ماري ٿي پئي.

گراهڪ دڪاندار جنيد سرهيو مٿان چاڪن سان وار ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو.

زخمي دڪاندار کي سرڪاري اسپتال ڀان پهچايو ويو.

زخمي دڪاندار جنيد سرهيو صحافين کي ٻڌايو ته سندس مٿان شاهنواز جويو ۽ هڪ اڻڄاتل ماڻهو چاڪن سان حملو ڪيو.

هن چيو ته اڄ صبح هنن سندس دڪان تان سامان ورتو، جيڪو واپس نه ڪرڻ تان مٿس حملو ڪيو ويو.

ٻئي پاسي ڀان پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے