17 بدھ , اکتوبر 2018

پائليٽس جعلي ڊگري ڪيس: ايئر بليو ۽ شاهين ايئر بليو تي هڪ لک رپيه ڏنڊ  

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار  ايئر بليو تي ڊگرين جي تصديق نه ڪرڻ تي 50 هزار رپيه ۽ شاهين ايئر لائين کي ڄاڻ فراهم نه ڪرڻ تي هڪ لک رپيه ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ پي آءِ اي جي مبينا خانگائڻ ۽ ڊگرين جي تصديق ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايئر بليو جو ايم ڊي جنيد خان عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ايئر بليو ۾ ڪيترا پائلٽس آهن، جنهن تي ايم ڊي جنيد خان ٻڌايو ته 101 پائليٽس ۽ 251 عملي جا ماڻهو آهن. چيف جسٽس ڊگرين جي تصديق ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اڃا تائين ڊگرين جي تصديق ڇو نه ٿي آهي. هن ايئر بليو کي 50 هزار رپيه ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته پئسا فاطمي فائونڊيشن ۾ جمع ڪرايا وڃن. چيف جسٽس ڄاڻ نه ڏيڻ تي شاهين ايئر لائين جي سربراهه کي ڇنڊ پٽي ۽ هڪ لک رپيه ڏنڊ وڌو. عدالت حڪم ڏنو ته ڏنڊ فاطمه فائونڊيشن ۾ جمع ڪرايو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ويو ته اسان مئنيجر ڊائريڪٽر جنيد خان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي. ايم ڊي ايئر بليو چيو ته وزيراعظم کي طلب ڪرڻ بابت بريڪنگ نيوز هلي رهي هئي جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سياسي ماڻهو آهي، سياسي ماڻهن جي بريڪنگ نيوز هلندي رهندي آهي، اسان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي طلب نه ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shahbaz Sharif announces National Assembly session against arrest of opposition leader

مخالف ڌر اڳواڻ جي گرفتاري تي قومي اسمبلي جو اجلاس جاري، شهباز شريف پاران خيالن جو اظهار

لاهور (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي گرفتاري تي قومي اسمبلي جو خاص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے