14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي: غدارن کي سياسي مات ڏينداسين ، ٻچا  عوام  تان قربان آهن:ملڪ اسد

Kotri: The chiefs will be defeated by the political, the people are sacrificed by the people: Asad Sikandarپ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر چيو آهي تھ غدارن کي سياسي مات ڏينداسين ،  سياست عوام لاءِ آھي، جيڪا ڪندو رهندس، سندس ٻچا  بھ عوام  تان قربان آهن.

ملڪ اسد پاران سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ وقت سچل گرائونڊ  تي  ٿيل جلسي ۾ هزارين ماڻهن جو سمنڍ اٿلي پيو.

جلسي ۾ ملڪ اسد سڪندر  جي آمد وقت لائيٽون  بند ڪري موبائلن جي بتيون ٻاري آتشبازي ڪري سندس سندس ڀرپور آجيان ڪئي وئي.

جلسي کي ملڪ اسد سڪندر خطاب ڪندي چيو تھ    مخالفو  اکيون کولي ڏسو هي ريفرنڊم آھي ، سندس جلسي کانپوءِ مخالفن کي پولنگ سنڀالڻ لاءِ بھ ڪو نھ ملندو.

 سندس چوڻ هو تھ   کيس دٻاءُ وڌو ويو تھ زمين ڳوٺاڻن کان خالي ڪرايو، پر ائين نھ ڪيو، ڳوٺ ويا تھ پوءِ سياست ڪيئن رهندي.

ملڪ اسد چيو ته هن جلسي کان پوءِ   مخالفن جي شڪست مقدر بڻجي وئي آهي، جڏهن تھ پٺاڻ ، اردو ، هندو ، پنجابي سميت سڀني برادري جا ماڻهو هن سان گڏ آهن.

سندس چوڻ هو تھ  سندن سياسي نعرو آهي تھ مڙس ٿي جيئندا،  مڙس ٿي مرندا،  مخالفن کي گهمائي گهمائي هڻندا.

جلسي ۾ ملڪ اسد سڪندر کي مختلف برادري جي چڳن مڙسن پاران 8 سونا  تاج پارائي تاج پوشي ڪئي وئي.

جلسي کي ايم پي اي گيانچند ايسراڻي خطاب ڪندي چيو ته جلسا هن  پنهنجي سياست ۾ گهڻا ڏٺا آھن پر هي جلسو ڄامشورو جي عوام پاران ملڪ اسد سان محبت جو ريفرنڍم آھي ۽ اليڪشن کان اڳ ڪاميابي جي وک آھي.

جلسي کي  شورا برادري جي چيف سردار ارباب جعفر خان شورو ، سيد عرفان شاھ ،  لياقت شورو ، جهانگير سيهڙو ، يونس شيخ ۽ ٻين پڻ  خطاب ڪيو …………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے