15 ہفتہ , دسمبر 2018

ميرپور ماٿيلو وارن جو بند ٿيل لنگهه کولرايو

رپورٽ: حفيظ ٽانوري شهري
ميرپور ماٿيلي جو مسو مائيز 30 هزار آبادي لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي، هي واهه گندگي ڦهلائڻ جي اهڙي فيڪٽري بڻجي چڪي آهي، جتان شهرين کي بيماريون وچڙڻ سان گڏ سندن گذر به بند ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ ٻار گندگي ۽ گپ تان ترڪي مائيز ۾ ڪرندا رهن ٿا، هتان جي آبادي سان اهڙو آزاد آبادي سان اهڙو آزار آبپاشي کاتي پئدا ڪيو آهي، جنهن مائينر جي صفائي ڪرائڻ کانسواءِ گند ڪچرو کنائڻ بدران دڳ تي اڇلائي ماڻهن جي اچ وڃ جا رستا بند ڪري ڇڏي آهن، گهرن جي درن آڏو اڇلايل ۽ وڇايل گند جي ڍيرن سبب شهري سخت پريشان آهن. گهوٽڪيءَ جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ فوري طور تي رستي تي اڇلايل گند ڪچري کي کڻائي شهرين جي پريشاني دور ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: استادن جي حقن لاءِ نڪتل پ ٽ الف جو مارچ ڌاٻيجي پهچڻ تي شاندار آجيان

پ ٽ الف پاران استادن جي حقن لاءِ ڳڙهي خدابخش مان نڪتل لانگ مارچ ڌاٻيجي …

هڪ تبصرو

  1. يونس ڀٽو مومل جي ماڙي

    عوامي آواز ٽي وي هڪ بهترين ٽي وي ٿي اڀرندي اسان جي آس آهي ته هي چينل جلد کان جلد آن ٿي مارڪيٽ ۾ اچي مهرباني

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے