22 پیر , اکتوبر 2018

ٽي وي تي غير اخلاقي پروگرام هلي رهيا آهن، بي حيائي به برداشت نه ڪنداسين: چيف جسٽس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ٽي وي چئنلن تي ڀارتي مواد جاري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ فنڪارن جي درخواست طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي وڏي انگ ۾ پاڪستاني فنڪار عدالت ٻاهران گڏ ٿيا ۽ ٽي وي چئنلن تي ڀارتي مواد نشر ڪرڻ تي پابندي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. چيف جسٽس احتجاج جو نوٽيس وٺندي فنڪارن کي عدالت جي اندر گهرايو ۽ انهن جي ڳالهه ٻڌي. فنڪارن چيو ته پاڪستاني ڊرامن ۾ ڀارتي مواد غير قانوني طور نشر ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب پاڪستاني فنڪار بي روزگار ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستاني ڊراما انڊسٽري متاثر ٿي رهي آهي. ناليواري فنڪارا ثمينا آپا مطالبو ڪيو ته ڀارتي مواد جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته توهان منهنجي دل جي ڳالهه ڪري ورتي، ٽي وي جي اهڙا ايوارڊ شو ڏيکاريا پيا وڃن، جيڪي مسلم معاشري لاءِ قبول ڪرڻ جوڳا ناهن، اسان سڀ لبرل آهيون پر غير مناسب لباس تي ماڊلنگ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، جيڪڏهن توهان برقعي جي حمايت نٿا ڪيو ته غير مناسب لباس جي به اجازت نٿا ڏئي سگهون. چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اسان جون ڀينرون ۽ ڌيئرون اهڙو لباس پهري سگهن  ٿيون، ڇا توهان جي ملڪ جو ڪلچر ختم ٿي ويو، سنڌ، بلوچي ۽ ٻئي ڪلچر کي هٿي ڇو نٿي ڏني وڃي. چيف جسٽس چيو ته سڀ کان وڌيڪ غير اخلاقي پروگرام هڪ خانگي ٽي وي چئنل هلائي رهيو آهي، اها ٽي وي ڪنهن جي آهي؟ ان چئنل تي اخلاق کان ڪِريل پروگرام ڏيکاريا پيا وڃن. چيف جسٽس عدنان صديقي ۽ فيصل قريشي جي ڇنڊ پٽيندي چيو توهان پاڻ ته مارننگ شو ڪندا آهيو، انهن مارننگ شوز ۾ عورتن کي ڪهڙو لباس پارائيندا آهيو، اهي ڪهڙا مارننگ شوز آهن، ڪهڙو ڪلچر ڏيڻ چاهيو ٿا، مان اهو نٿو چوان ته برقعو پائي اچو پر بي حيائي به برداشت نه ڪنداسين. فنڪارن چيو ته اها سڀ ڀارت جي مهرباني آهي. چيف جسٽس چيو اسان کي طئي ڪرڻو هوندو ته ڪيترو غير ملڪي مواد نشر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿا سگهون، توهان ڪا لکت ۾ درخواست ڏيو، عدالت ڪارروائي ڪندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے