16 جمعہ , نومبر 2018

ميشا شفيع، علي ظفر کي قانوني نوٽيس جو جواب ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ميشا شفيع جنسي هراسان ڪرڻ واري معاملي تي ڳائڻي ۽ اداڪار علي ظفر کي قانوني نوٽيس جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ميشا شفيع طرفان قانوني نوٽيس جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته علي ظفر تي لڳايل سمورا الزام درست ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهن، مان ڪنهن به صورت اهي الزام واپس نه وٺنديس. قانوني نوٽيس جو جواب ميشا شفيع جي وڪيل احمد پنسوٽا ۽ نگهت داد طرفان تيار ڪري موڪليو ويو آهي. چئن صفحن تي ٻڌل جواب موجب علي ظفر حقيقت کي لڪائي رهيو آهي، ميشا شفيع ڪو ڪوڙ ناهي ڳالهايو، هن اهو ئي ٻڌايو آهي، جيڪو علي ظفر ان سان ڪيو. جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڳائڻي ادبي گهراڻي سان واسطو رکي ٿي، سندس ماءُ صبا حميد جو پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ هڪ مقام آهي ۽ ميشا پاڻ به هڪ وڏي فنڪارا آهي، هوءَ ڪنهن تي به تهمت نٿي مڙهي سگهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته ميشا اڳ ۾ ان ڪري خاموش هئي، ڇو ته هوءَ ڏاڍي گهٻرايل هئي ۽ ان صدمي کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري پر جڏهن هن علي ظفر خلاف آواز اٿاريو ته ان سان نه رڳو هوءَ پاڻ متاثر ٿي پر ان جا ٻئي ٻار ۽ مڙس به متاثر ٿيو، ان تڪرار کان پوءِ دٻاءُ جو اهو عالم آهي جو ميشا پنهنجا سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻ هوءَ رڳو ٽوئيٽر تي موجود آهي. ميشا شفيع جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن علي ظفر پنهنجو ليگل نوٽيس واپس نه ورتو ته مان سول ۽ فوجداري قانون تحت ڪارروائي جو حق رکان ٿي. واضح رهي ته ميشا شفيع گذريل مهيني سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ علي ظفر تي پاڻ کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام مڙهيو هو، جنهن جي علي ظفر ترديد ڪئي هئي، پوءِ علي ظفر طرفان ميشا شفيع کي موڪليل قانوني نوٽيس ۾ 14 ڏينهن اندر معافي گهرڻ، ٻي صورت ۾ 100 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جو مطالبو ڪيو ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سلمان خان جي فلم ”ٽيوب لائٽ“ جي ڪوريوگرافر انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم” ٽيوب لائٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے