17 ہفتہ , نومبر 2018

نه چال بدلي نه حال بدليو !

جي اين کوسو ايڊووڪيٽ

گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان جهڙي طرح سنڌي قوم کي گهري سياسي سازش جي شطرنج رٿي گهوڙا ، مهرا ۽ وزير  ويهاري تباهي ۽ بربادي ڏانهن راڪيٽ جي رفتار سان ڌڪيو پيو  وڃي ان جو اڳ مثال ملڻ مشڪل آهي . نهايت بي رحمي سان هزارين سالن کان پنهنجي ڌرتي تي پر امن انداز ۾ ساري دنيا جو خير گهرندڙ سنڌي قوم جو وجود ۽ قومي بقا خطري ۾ آهي . سنڌ جا وسيلا ، زمين ، پاڻي ۽ اختيار جنهن انداز سان پيپلزپارٽي جي سرڪار نيلام ڪري ڌارين جي حوالي ڪري ميرن جي صاحبي کان به چٽ قوم ۽ عوام دشمن انداز ۾ چڱ مڙسي جي  پڳ ٻڌي آهي ان هڪ عظيم قوم مان ڦيرائي سنڌي قوم کي پنهنجي ئي ڌرتي تي لاوارث ، غلام ،بُکي ، ڏُکي ۽ ٻين جي ڳيجهو بڻايل قوم بڻائي ڇڏيو آهي . پيپلزپارٽي جنهن  انداز ۾غير قانوني طرح  ڌارين بهارين ، بنگالين ، برمين ، افغانين ، رونگين ۽ دنيا جهان جي سنڌ ۾ پناھ وٺندڙ دهشتگردن کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي پئي ڏئي ، انهن کي مستقل سنڌ م رهائڻ ۽ سنڌ جي وسيلن توڙي روزگار تي قبضي ڪرڻ لاءِ  زمينون نيلام ڪري بحريه ٽائون ، ذوالفقار آباد ۽ ڊي ايڇ  اي سٽي جهڙا شهر جوڙي پئي ڏئي ، سنڌ جو پاڻي هٿ سان پنجاب جي حڪمران طبقي هٿان رڳو ان مقصد سان بندڪرائي مئل گهوڙي ڪالاباغ ڊيم ۾ ساھ پئي وجهرائي جيئن هڪڙي پاسي پنجاب جي حڪمران طبقي کي خوش ڪري ۽ ٻئي پاسي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي ڪوڙو ماتم ۽ پٽڪو ڪري ٻين قوم پرست ڌرين جي ڪلهي تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري  پئي ، سنڌ ۾ جنهن منظم انداز سان عالمي دهشگرد مافيا جي سهڪار سان مذهبي انتها پسندي پيدا ڪري ، مچائي مواڙ پئي ڪري ، وري نئين سري سان مهاجر صوبي جي باھ ٻاري ان تي هٿ پئي سيڪي ، قبائليت کي هٿي وٺرائي جهڙي طرح سنڌي قوم کي انساني تاريخ کان اڳ واري وحشيپڻي واري دور ۾ پئي ڌڪي ، زراعت سان دشمني ڪندي سارين ، ڪمند ، ڪپھه ۽ ڪڻڪ جي آبادگارن سان جُٺيون پئي ڪري ، سنڌ دشمن ايجنڊا تحت لاقانونيت ، ڪرپشن ۽ دهشتگردي جو راڄ قائم ڪري ڪاروڪاري ، سنڱ چٽي ، معصوم ٻارن ۽ نياڻين جي اغوا، زيادتي ۽ قتل کي زور پئي وٺرائي ۽ جهڙي طرح سنڌي قوم لاءِ فوج، عدليه ، وفاقي ادارن ۾ اعلي عهدن لاءِ سنڌين جا دروازا بند ڪرايو پئي هلي، قوم دشمني جو اهو ڌنڌو ڪري نڪ جي پڪائي سان ڪوڙي چڱ مڙسي ماڻڻ جو اهو اعزاز فقط پيپلزپارٽي جي حڪومت جو ئي ڪارنامو چئي سگهجي ٿو . سچ هي به آهي ته سنڌ جي قومي تاريخ جي ڪلاسيڪل غدارن جي جيڪڏهن اسان جي هنن ڊگهي عرصي کان چونڊجي آيل چنڱن مڙسن سان ڀيٽ ڪجي موڪا بن وسايا، چنيسر ، نائومل توڙي پير علي محمد شاھ راشدي ، ايوب کهڙي ۽ اي ڪي بروهي   جي ڪهڙي مجال جو هنن سان سينو ساهي هلي سگهن .

اهڙي صورتحال ۾ سوال اهي پيدا ٿين ٿا ته اهڙين هچائن کي سنڌي قوم ڪيستائين ڪلهي تي کڻي هلندي ؟ سنڌ دشمني ۽ قوم دشمني جي اها راند ڪيستائين هلندي ۽ ڦٻندي رهندي ؟ ڪيستائين سنڌ جو قومي شعور هنن جي اڳيان ڪنڌ ۽ اکيون هيٺ ڪري بادا بي ميار ٿي هلندو ؟ سنڌ جي دانش ڪيستائين ڪنڊ وٺي ان قهري ڪوٽ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پنهنجي لاءِ پلنگ بُڪ ڪرائيندي يا فراريت جون ستيون گهوٽي پاڻ به ڦڪيندي ۽ هن بد نصيب قوم کي ڦڪرائيندي ؟ ڪيستائين قوم دشمني جي ان ڪاري ۽ ڪوجهي ڏائڻ تي سونهري نقاب چڙهيل رهندو ؟ ڪيستائين فلسفا ڦوڪون ڏئي ان بدترين بدنصيبي بڻيل انداز حڪمراني جي در تي داسي ٿيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي هٽ جو وکر بڻائيندا رهندا؟ نظريا ڪيستائين نظرون جهڪائي پاڻ بچائي هلندا ؟ اها ڳالھه صحيح آهي ته ذهن روڪ جي عالمي سامراجي پاليسي مطابق مظلوم قومن ۽ ماڻهن کان انهن جي جياپي جا صحيح دڳ به کسي سگهجن ٿا، انهن کي عقل ، مت ۽  هوش مان ڪڍي لڪير جو فقير بڻائي سمجھه ۽ دانش کي مينيج ڪري سگهجي ٿو ؟ سوالن تي ليڪو واري انهن کي انڌي عقيدي واريون بي نور اکيون ڏئي سگهجن ٿيون . اها ڳالھه به صحيح آهي ته خصيص پڻي جي کوٽن سڪن کي مارڪيٽ جي مهانگي ڪرنسي بڻائي سگهجي ٿو پر ڇا فطرت جي اصولن اڳيان بند به ٻڌي سگهجي ٿو ؟ ڇامفاهمت سان جوڙيل  ذهنن جا زنجير ضميرن کي همشه لاءِ طوق پارائڻ کان پوءِ آزادي جا گيت ڳارائي مست بڻائي سگهندا ؟ ڇا هڪڙي پوري قوم کي لفطن جا جنازا کڻائي ڊگهي عرصي تائين  ٻولي مان انهن جو مقصد ۽ مفهوم ڦري سگهبو ؟ کڻي ڇا به ڪجي پر  ڇا دوستي ۽ دشمني جا مفهوم ، معنائون ، معيار ۽ ماپا مٽائي سگهجن ٿا ؟ آرزوئن جون اکيون ڪڍي ڇڏبيون ته ڇا تصورن جا پکي اڏامڻ ڇڏي ڏيندا ؟ گهڙيالن کي بيهاري  پيتي ۾ قيد ته ڪري سگهجي ٿو پر ڇا وقت جون وکون به روڪي سگهبيون ؟ احساسن جي اکين تي آکيڙا چاڙهڻ سان ڇا لڙڪن کي ٽهڪائڻ جي راند ڊگهو عرصو کيڏي سگهبي ؟ روشني کان نفرت جا گيت ڳائي اوندھ ۾ اکٻوٽ راند تي واھ واھ سان هڪ قوم کي ڪيترو عرصو مطمئن ڪري سگهجي ٿو ؟

چوڻ جو مقصد هي ته قوم سان ڪيل جٺيون تاريخ کان اوجهل نه ٿيون ڪري سگهجن ۽ تاريخ پنهنجو قرض وصول ضرور ڪندي آهي . ڪيترو به ڪنهن قوم سان منافقت ، مفاهمت يا مينيجمينٽ جي راند ڪري ڪاپاري ڌڪ هنيا وڃن پر جڏهن قومي شعور قومي تاريخ جي منصف جي تارازي کوڙي بي رحمي سان قوم دوستي ۽ قوم دشمني جي ڪردار جي تور ڪندو ته نقاب ، نمونا ، ڊراما ، ڪوڙ ، ٺڳيون ، دوکا ، منافقت ۽ مفاهمت ڪنهن جي به قومي ڏوهن کي ڍڪڻ کان نابري واري ويهندا . جيئن استاد بخاري جا هي لفظ ائتماد ۽ يقين پيا ڏيارين ته،

تُرت ٿيندو اڀري سڀري جو حساب ،

وقت سانڍيو واڪي واڪي جو حساب،

زار ، نيرو ، هٽلرو ، ڦورو ٻڌو !

ورتو ويندو ذري ذري جو حساب !

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ھندو برادريءَ جي ملڪيتن تي قبضا ۽ سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس.!! 

خادم رند پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے