17 بدھ , اکتوبر 2018

12- مئي جو سانحو ۽ انصاف جي گُهرج

ڪالهه 12- مئي گذري وئي، سڄي سنڌ ۾ 12- مئي جي شهيدن جي ياد ۾ ڪيئي ميڙاڪا ڪوٺائي ان ڏينهن ٿيندڙ شهيدن کي ياد ڪيو ويو ۽ سانحي جي ذميوارن جي مذمت ڪئي وئي، 12- مئي جي واقعي ۾ چاليهن کان پنجاهه جي لڳ ڀڳ ماڻهو شهيد ٿيا هُئا جڏهن ته ٻه سو جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿيا هُئا جن مان ڪيئي بعد ۾ رب کي پيارا ٿيا.،

12- مئي جو واقعو پوءِ جي شاهدين، رپورٽن ۽ خبرن موجب 12- مئي جي ڪارروائي هڪ منظم ڪارروائي هُئي جيڪا ملڪ جي ان وقت جي هڪ فوجي آمر جي چرچ تي رٿي وئي هُئي، انهيءَ ڏينهن جڏهن چيف جسٽس آف پاڪستان چوڌري محمد افتخار ڪراچي اچي رهيو هو ته انهيءَ ڏينهن، “ تحريڪ استحڪام پاڪستان” جي پليٽ فارم تان ( ق ) ليگ اسلام آباد ۾ جنرل پرويز مشرف جي حق ۾ مظاهرا ڪري رهي هُئي ۽ ڪراچيءَ ۾ چيف جسٽس محمد افتخار چوڌريءَ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ تائين آمد ۽ پهچ کي روڪڻ لاءِ هڪ لساني ڌر سڄي شهر کي يرغمال بڻائي ڇڏيو هو، نه فقط ايترو پر انهيءَ ڌر چيف جسٽس جي حق ۾ ڪيئي سياسي پارٽين جي نڪرندڙ ريليءَ ۾ شامل ماڻهن کي هر هنڌ روڪيو ته جيئن اها ايئرپورٽ نه پهچي سگهي ۽ ماڻهن کي روڪڻ لاءِ دهشتگرديءَ جي هڪ بي انت سلسلي جي شروعات ڪئي وئي جيڪو رات دير تائين جاري رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ چيف جسٽس جي استقبال لاءِ ويندڙ ماڻهن مان چاليهه کان پنجاهه ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿيا،

اسان هن مهل ۽ موقعي تي ان بحث ۾ بلڪل به وڃڻ نه چاهينداسين ته چيف جسٽس درست هو يا فوجي آمر درست هو، سوال هي آهي ته چيف جسٽس کي هٽائڻ وارو عمل غير آئيني ۽ غيرقانوني هو جنهن جي خلاف چيف جسٽس سڄي ملڪ ۾ عدليه جي حمايت ۾ هڪ مهم هلائي هُئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هو سنڌ اچي وڪيل برادري ۽ سياسي حلقن وٽ اظهار خيال ڪرڻ پئي چاهيو، سندس ڪراچي اچڻ به انهيءَ مقصد جي هڪ ڪڙي هُئي،

12- مئي تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ رٿيل هڪ تقريب لاءِ پهچڻو هو جنهن کي هڪ فوجي آمر جي حمايت يافته لساني تنظيم هر صورت ۾ روڪڻ پئي چاهيو، جنهن لاءِ سڄي شهر کي يرغمال بڻائي هڪ خوني ڊرامو ڪيو ويو،

12- مئي جي سانحي کي هاڻي يارنهن سال ٿيندا ۽ انهن يارنهن سالن ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت سميت ٻين اعلى عدالتن ۾ پڻ ڪيئي ڪيس هلندڙ آهن، ملزم گرفتار ٿيا، انهن جون پيشيون ٿيون ۽ آزاد ٿيا، اهم ملزمن جون ضمانتون ٿيو ۽ اهي ٻاهر آهن، واقعي ۾ ملوث دهشت گردن مان ڪن کي دنيا جي پرڏيهي ملڪن مان گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو،

12- مئي جي سانحي ۾ ملوث ڪيئي ڪردار، 12-  مئي واقعي بعد پيپلز پارٽيءَ جي ٺهندڙ حڪومت ۾ هڪ اتحادي طور شامل رهيا،

12- مئي ۾ ملوث هڪ اهم ڪردار اڄ ڪراچيءَ جو ميئر آهي ۽ انوقت گهرو معاملن متعلق مشير هو،

12- مئي جي سانحي ۾ ملوث ڪنهن به ڪردار کي اڄ ڏينهن تائين ڪا سزا نه ملي آهي،

12- مئي سانحي جا ذميوار، نامزد ملزم، گرفتاريءَ بعد آزاد ٿيندڙ ملزم بعد ۾ به 12- مئي جهڙين ڪيئي ننڍين وڏين سرگرمين ۾ سرگرم رهيا پر انهن جي ڪا پڪڙ نه ٿي آهي،

سنڌ جي عوام سميت سڄي ملڪ جوساڃاهه وند عوام اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته آخر ڪار ”دهشتگردن“ وٽ ايڏي ” سگهه“ ڪٿان ٿي اچي، انهن جي پٺ ڀرائي ڪير ٿو ڪري، انهن جا ڏوهه ڪير ٿو معاف ڪرائي.ڇو، جو 12- مئي بعد سنڌ ۾ 12- مئي جهڙيون ڪارروايون اڃان جاري آهن، خاص ڪري ڪراچي شهر ۾ انهن سرگرمين جو ڪو ڇيهه نظر نه ٿو اچي،

سنڌ جي ساڃاهه وند عوام هاڻي بجا طور تي اهو سوچڻ تي مجبور ٿيو آهي ته اها ڪهڙي سگهاري قوت آهي، جيڪا ملڪ جي تباهيءَ جي قيمت تي دهشتگردن جو دفاع ٿي ڪري، دهشتگردن کي سزا کان بچائي ٿي، دهشتگردن کي سنڌ جي اعلى حڪومتي ايوان تائين پهچائي ٿي، اسان ان ڳالهه ۾ پڪو يقين ۽ ويساهه رکون ٿا ته اهڙين فاشسٽ ۽ دهشتگرد قوتن جي ڪا جمهوري قوت ڪنهن به صورت ۾ مدد نه ٿي ڪري سگهي.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هر اهڙي سگهاري قوت جيڪا ملڪ جو استحڪام، مضبوطي ۽ خوشحالي چاهي ٿي ته کيس سنڌ ۾ دهشتگردن جي پٺڀرائيءَ کان پاسو ڪرڻو پوندو ۽ کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو پوندو.

اڄ جي اخباري اطلاعن موجب ملڪ جي هاڻوڪي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ڪراچي بينچ کان 12- مئي جي ڪيسن جا فائل طلب ڪري ورتا آهن ۽ چيو آهي ته هاڻي ان معاملي کي اسان ڏسنداسين، اسان چيف جسٽس جي اهڙي عمل جي نه صرف تعريف ٿا ڪيون پر کلي دل سان آجيان پڻ ڪيون ٿا ۽ اها اميد پڻ ڪيون ٿا ته چيف جسٽس انهيءَ ڏس ۾ ڪي اهڙا جوڳا اپاءَ ضرور وٺندي جيڪي انصاف جي فراهميءَ واري عمل کي مڪمل ڪندا،

انصاف دير سان ملڻ جو مقصد آهي انصاف نه ملڻ، پر چيف چسٽس ثاقب نثار 12- مئي جي ڪيسن جا جيڪي فائل طلب ڪيا آهن، ان مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته 12-مئي سانحي جي جوابدارن کي واقعي سزا ملندي جنهن بعد ملڪ جي ڪروڙين عوام جي اها اميد يقين ۾ تبديل ٿي ويندي ته هاڻي اڳتي وري ڪو 12- مئي جهڙو سانحو نه ٿيندو.

آچر  13  مئي 2018ع، 26  شعبان المعظم 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جي وبا….

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 3- سيپٽمبر 2018ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے