17 ہفتہ , نومبر 2018

تازا ميوا کائو ۽ منهن تا گهنج ختم ڪريو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان جي منهن تي گهنج آهن ۽ توهان انهن جي سبب پريشان آهيو ته ان جو اثرائتو علاج اوهان جي گهر ۾ تازن ميون جي شڪل ۾ موجود آهي. هالينڊ ماهرن چيو آهي ته 50 سال جون عورتون جيڪڏهن تازا ميوا ۽ ڀاڄيون استعمال ڪن ته ان جي چهري تان گهنج  ٿيڻ جو خطرو گهڻي حد تائين گهٽجي سگهي ٿو ۽ انهن ميون ۾ صوف سڀ کان اڳتي آهي.جيڪي عورتون گوشت ۽ بريڊ وڌيڪ کائن ٿيون انهن جي چهرن تي گهنج وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ ماهرن جو جو مشهورو آهي ته مهانگين ڪريمن بدران تازن ميون جو استعمال چهري تي پوڙهائپ جي نقشن کي روڪڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو آهي.هر سال پاڪستان ۾ به ڪروڙين روپيا چهري  گهنج  ٿيڻ جي ڪري ڪريمن تي خرچ ٿي رهيا آهن ۽ امير عورتون جوان ڏسڻ لاءِ بوٽوڪس جا ٽڪا هڻائينديون رهنديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے